عمرڪوٽ ( ڊ ر ) عمرڪوٽ شهر جي هڪ ٽيوشن سينٽر جي انچارج سينئر استاد ۽ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ممتاز ڀٽي جي سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ معصوم يارنهن سالن جي نياڻي سان سندس ئي آفيس ۾ نازيبا حرڪتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويئي ۽ عمرڪوٽ جي سماجي حلقن ۾ انتهائي ڪاوڙ جي لهر پکڙجي ويئي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي استاد ممتاز ڀٽي جي ڪردار ڪشي سان گڏ ڇتي تنقيد برپا ٿي ويئي جنهن بعد تعليم جي صوبائي وزير سختي سان نوٽيس وٺندي ايس ايس پي عمرڪوٽ سان ٽيليفون تي رابطو ڪري هدايتون جاري ڪيون ته اهڙي قسم جون ڪريل حرڪتون ڪندڙ هن ماستر ممتاز ڀٽي کي گرفتار ڪري معاملي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي جنهن تان ايس ايس پي عمرڪوٽ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سٽي کي هدايتون جاري ڪرڻ بعد ماستر ممتاز ڀٽي کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته گرفتاري کان اڳ ۽ سوشل ميڊيا تي سماجي حلقن پاران تنقيد ڪرڻ بعد ماستر ممتاز ڀٽي ۽ ان جي گهر واري سندس گهر ۾ ويهي گڏيل طور تي وڊيو بيان رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو آهي جنهن ۾ هي چئي رهيو آهي ته آئون اهڙي قسم جي ڪريل حرڪت جو سوچي به نه ٿو سگهان ڇوڪريءَ منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندي آهي ۽ ڇوڪري آفيس ۾ آئون ڪرسي تي ويٺو هوس ته هن ڊسٽ بن کڻي رهي آهي ان ڪلپ کي ڪڍي منهنجي خلاف ايڊيٽ ڪري گوڙ مچايو ويو آهي آئون منهنجو قصور اهو آهي ته آئون خاص ڪري ڇوڪرين کي انگلش ۾ تعليم ڏيان ٿو ۽ اهو چند عناصرن کي پسند نه آهي ان ڪري منهنجي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن.ممتاز ڀٽي جي گهر واري عائشه چيو ته ڪجھ ٽائيم اڳ ساڳي ڇوڪري جي شادي اسان روڪرائي هئي ته هن جي اڃان عمر به ناهي اسان کي لڳي ٿو ته اها سازش ڇوڪري جي مڱيندي ۽ ڀاءُ ڪئي آهي .واضح رهي ته ماستر ممتاز ڀٽي ڪجهه ٽائيم اڳ جيڪا شادي ڪئي آهي اها به پنهنجي شاگردياڻي سان ڪئي آهي اهڙي قسم جا افواه به سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن .جڏهن ته پوليس مبينا الزام هيٺ آيل استاد کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪَ قانون موجب ثبوتن جي آڌار تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي .