اين ايڇ اي جي غلط منصوبابندي سبب روڊ رٿائون سالن تائين هلن ٿيون:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ جي آئيني بينچ سنڌ ۾ قومي شاهراهن جي ابتر حالت خلاف داخل آئيني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران عدالت ڪوٽڙي ڪبير ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جي  پنجن ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي موٽروي پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت موٽروي اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي جي ذميوارن جو تعين ڪري سندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي. عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي(اين ايڇ اي) جي آفيسرن کي پڻ هدايت ڪئي ته متاثر خاندان کي مناسب معاوضو ادا ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اين ايڇ اي جي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته اين-5 شاهراهه جو 72 ڪلوميٽر ڊگهو حصو 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو. عدالت اين-5 تي ترقياتي ڪم ۾ دير ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس سليم جيسر ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان اهڙا مثال به ڏٺا آهن جتي رات پيٽ ۾ روڊ ٺهي ويندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن منصوبن ۾ دير ان ڪري ڪئي ويندي آهي ته جيئن بجيٽ ۾ واڌ ٿيندي رهي. جسٽس سليم جيسر جو چوڻ هو ته هي روڊ غريب ماڻهن لاءِ هوندا آهن، تنهنڪري اهي منصوبا سالن تائين هلندا رهن ٿا. عدالت اين ايڇ اي جي منصوبابندي تي پڻ تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن روڊ جي نئين سر تعمير ڪرڻي هجي ته پهريان هڪ حصو مڪمل ڪيو وڃي، پوءِ ٻئي حصي تي ڪم شروع ڪيو وڃي. جسٽس سليم جيسر چيو ته اين ايڇ اي هڪ حصو مڪمل ڪرڻ کان اڳ ٻيو حصو به ڊاهي ڇڏي ٿي، پر متبادل رستو به فراهم نه ڪيو ويندو آهي. عدالت ڪيس تي وڌيڪ ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.