حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي ايس ايس پي آفيس ۾ قائم وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل جي ھٽايل ايس ايس پي آفيس جي جونيئر ڪلارڪ ماريا ساريو جي حق ۾ ٽرانسجينڊر ( کدڙن فقيرن )جو ايس ايس پي آفيس جي اڱڻ تي احتجاج، ھنگامو، نعريبازي ۽ ڀڃ ڊاهه، پوليس ۾ ٿرٿلو، مختلف ٿاڻن جي نفري پھچي ڪيترن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. ويو. ايس ايس پي آفيس ۾ قائم ھيومن رائيٽس ۽ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان مقرر ايس ايس پي آفيس جي جونيئر ڪلارڪ ماريا ساريو کي عھدي تان ھٽائڻ تي ڪالھ شھر جي مختلف علائقن مان کدڙا فقير احتجاج ڪري ايس ايس پي آفيس اندر گھڙي آيا. جن ماريا ساريو جي حق ۾ نعريبازي ڪندي ھن کي بحال ڪرڻ جي گھر ڪئي. ان دوران ايس ايس پي آفيس جا دروازا بند ڪيا ويا، احتجاج وڌيڪ شدت اختيار ڪري وڃڻ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي عورت اهلڪارن سميت طلب ڪيو ويو. جن پھچي کدڙن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو ۽ ماريا ساريو کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو، بعد ۾ ڪينٽ ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ته ماريا ساريو جي اڪسائڻ تي کدڙن احتجاج ۽ آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، کدڙن سيل جي آفيس ۾ وڃي اتي ويٺل انچارج بينظير زرداري کي ڌڪا ڏئي ٻاھر ڪڍي ماريا کي ان ڪرسي تي ويھاريو، ماريا ساريو پوليس کاتي ۾ ھوندي ھڪ منصوبابندي تحت پوسٽنگ وٺڻ لاءِ کدڙن کي استعمال ڪندي آفيسرن تي دٻاءُ وڌو، ٻئي طرف پوليس ترجمان پڌرائي ڪندي ڄاڻايو ته کدڙن جي هڪ مخصوص ٽولي ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس جي حدن ۾ گهڙي حملو ڪيو ۽ پوليس کاتي جي عورت جونيئر ڪليرڪ ماريا ساريو جي مقرري بابت مطالبن جي حق ۾ ايس ايس پي آفيس حيدرآباد جو گهيرو ڪري پرتشدد احتجاج ڪيو، احتجاج دوران شرپسند کدڙن پاران اڌ اگھاڙو حالت ۾ عملي، خاص طور تي عورت عملي کي يرغمال ۽ شديد هراسان ڪرڻ ۽ آفيسن ۾ گهڙي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، ايس ايس پي حيدرآباد پاران مشتعل مظاهرين کي بار بار ڳالهين ۽ معاملي کي حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي ۽ هڪ غيرجانبدار ڪميٽي جوڙڻ جي به آڇ ڪئي وئي، جنهن کي کدڙن جي سازشي ٽولي رد ڪري ڇڏيو ۽ لاڳاپيل عورت جونيئر ڪليرڪ ماريا ساريو جي بحاليءَ لاءِ سرڪاري آفيسرن تي ناجائز دٻاءُ وجهندا رهيا ۽ مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪندا رهيا. ايس ايس پي واضح ڪيو آهي ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ، سرڪاري معاملن ۾ مداخلت، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، سرڪاري ملازمن کي هراسان ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هن هدايت ڪئي ته واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪري بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ ڪنهن به فرد يا گروهه کي دٻاءُ، ڌمڪي يا غير قانوني طريقي سان سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون جي بالادستي ۽ سرڪاري ادارن جي تقدس جو تحفظ پوليس جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ايس ايس پي حيدرآباد چيو ته سنڌ پوليس خواجه سرائن، عورتن ۽ معاشري جي سمورن طبقن جي آئيني ۽ قانوني حقن جي تحفظ تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ سندن جائز مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي آهي، تنهن هوندي به، ڪنهن به فرد يا گروهه کي پنهنجي مطالبن لاءِ قانون هٿ ۾ کڻڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ يا سرڪاري ملازمن کي هراسان ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هن چيو ته سنڌ پوليس هميشه خواجه سرا برادري سميت سمورن ڪمزور ۽ حساس طبقن جي تحفظ، عزتِ نفس ۽ برابر جي حقن جي فروغ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪنهن به شهري سان تعصب يا امتيازي سلوڪ جي اجازت ناهي، پر قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ايس ايس پي موجب، عورت ملازمن ۽ خواجه سرا فردن سميت سمورن شهرين جي عزت، تحفظ ۽ بنيادي حقن جو احترام سنڌ پوليس جي ترجيحن ۾ شامل آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن جي وقار، قانون جي بالادستي ۽ امن امان جي قيام تي ڪو به ڳجهو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، بعد ۾ ايس ايس پي حيدرآباد جي حڪمن تي ڪارروائي ڪندي، ڪينٽ پوليس شرپسند عناصرن خلاف ڪيس ڪرائم نمبر 100/2026 تحت قلم 114، 353، 147، 149، 120B، 427، 504 پي پي سي تحت داخل ڪري جونيئر ڪليرڪ ماريا ساريو سميت 15 نامزد خواجه سرائن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين نامعلوم فرار جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس جون ڪارروائيون جاري آهن، ياد رھي ته بااثر سمجھي ويندڙ جونيئر ڪلارڪ ماريا ساريو گذريل ڪيتري ئي عرصي سيل جي انچارج رھي ڪنھن به ايس ايس پي ھن کي ان عھدي تان نه ھٽايو، موجوده ايس ايس پي جي اچڻ بعد ڪجھ عرصو اڳ ھڪ عورت اھلڪار جي تذليل ڪرڻ تي ھن کي سيل جي انچارج واري عھدي تان هٽايو ويو ھو پر بعد ۾ اثر رسوخ استعمال ڪري ھن ٻيھر ان عھدي تي پاڻ کي بحال ڪرايو، ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ ڪجھ ڏينھن اڳ ھن کي ٻيھر ان عھدي تان ھٽائي انسپيڪٽر بينظير زرداري کي سيل جو انچارج مقرر ڪيو ھو. هوڏانهن حيدرآباد ۾ پنهنجي عهدي تي بحالي لاءِ خواجه سرا سان گڏجي ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ واري معاملي جو آءِ جي سنڌ پوليس نوٽيس وٺندي ماريه ساريو کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل ليٽر موجب ايندڙ حڪمن تائين وومين اينڊ چائيلڊ پروٽيڪشن سيل جي اڳوڻي جونيئر ڪلارڪ ماريه ساريو سسپينڊ هوندي.