واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران جوهري (نيوڪليئر) هٿيار نه ٺاهڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ انهن ڳالهين ۾ ملڪ جو رهبرِ اعليٰ مجتبىٰ خامنه اي پڻ شامل آهي.اربع جي ڏينهن "نيو يارڪ پوسٽ” سان هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته اسان ايران کي نيوڪليئر هٿيار ٺاهڻ نٿا ڏئي سگهون ۽ هو ان تي راضي آهن ته هو جوهري هٿيار نه ٺاهيندا.‘’هنن ان تي اتفاق ڪيو آهي، هو (بعد ۾) پنهنجو دماغ تبديل ڪري سگهن ٿا پر هي (معاملو) انهن شين مان هو جنهن تي کين اتفاق ڪرڻو پيو.‘ان دوران کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا مجتبىٰ خامنه اي انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جن سان آمريڪا ڳالهائي رهيو آهي، ته صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ’جن ماڻهن سان اسان ڳالهائي رهيا آهيون، انهن بابت اسان کي خبر آهي ته اهي ئي ماڻهو ملڪ جي قيادت ڪري رهيا آهن. جي ها، هو (رهبرِ اعليٰ) ان ۾ شامل آهي.‘ايراني مذاڪرات ڪندڙن جو حوالو ڏيندي آمريڪي صدر چيو ته ’هو سندس (رهبرِ اعليٰ جي) تمام گهڻي عزت ڪن ٿا.‘جڏهن آمريڪي صدر کان مجتبىٰ خامنه اي جي صحت بابت پڇيو ويو، ته سندس چوڻ هو ته کيس ان بابت خبر ناهي ڇو ته ’مونکي ساڻس ملڻ جو شرف حاصل ناهي ٿيو، پر مون اهو ناهي ٻڌو ته هو ٺيڪ آهي.‘’جيڪڏهن اوهان ڪهاڻين تي يقين ڪريو ته سندس (جسم جا) ڪيترائي حصا موجود ناهن.‘تنهن هوندي به سندس چوڻ هو ته ايراني قيادت اهو ئي چوي ٿي ته مذاڪرات جي منظوري مجتبىٰ خامنه اي ئي ڏئي رهيو آهي ۽ ’هڪ وڏي عرصي کان ائين ئي ٿيندو پيو اچي. پهرين سندس والد هو ۽ هاڻي هو پاڻ آهي.‘جڏهن آمريڪي صدر کان پڇيو ويو ته ڇا هو ڪڏهن مجتبىٰ خامنه اي يا ٻين ايراني اڳواڻن سان ملڻ چاهيندو، ته آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ’مون ان بابت ڪڏهن سوچيو ناهي. هي هڪ تمام سٺو سوال آهي، مان ان بابت سوچيندس، مان ساڻس ملڻ چاهيندس، مان هر ڪنهن سان ملڻ چاهيندس.‘’اسان شايد ڪڏهن ڪنهن موقعي تي ملاقات ڪنداسين، اهو ان ڳالهه تي منحصر آهي ته معاملا ڪيڏانهن ٿا وڃن. ايران جي حوالي سان آمريڪي فوجي حڪمت عملي تي ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته هن وقت آمريڪا کي ايران ۾ زميني فوج موڪلڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته آمريڪي ڪاررواين جي نتيجي ۾ ايران جي فوجي صلاحيتن کي ڪافي نقصان پهتو آهي ۽ زميني مداخلت کان پاسو ڪيو وڃڻ گهرجي.آمريڪي صدر چيو ته ايران سان تڪرار جي خاتمي ۽ امڪاني معاهدي کانپوءِ عالمي سطح تي توانائي جي مارڪيٽن ۾ استحڪام اچي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي متوقع آهي.وچ اوڀرٰ جي صورتحال تي گفتگو ڪندي صدر ٽرمپ لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان اختلافن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته لبنان سان مسلسل ڇڪتاڻ ۽ فوجي ڪاررواين تي کيس ڳڻتي هئي ۽ ان ئي ڪري سندس نيتن ياهو سان سخت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته مان اهو نه چوندس ته مان ڪاوڙ ۾ هئس پر لبنان سان مسلسل لڙائي تي مونکي ڳڻتي ضرور هئي.