ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جا شاگرد آن لائن ايپ ذريعي ڪاليجن ۾ سولائيءَ سان داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا.
صوبائي تعليم کاتي جي ترجمان موجب، ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جو ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ آن لائن ويب پورٽل معمول موجب ڪم ڪري رهيو آهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته شاگرد ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ”سيڪيپ“ (SECCAP) تي درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ترجمان اِهو به ٻڌايو ته آن لائن داخلا پليٽ فارم کي پهريان کان وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ۽ ايپ معمول موجب ڪم ڪري رهي آهي، شاگرد بنا ڪنهن رنڊڪ جي سولائيءَ سان پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.