آصف زرداري لت هڻي پرڏيهي فوجي اڏا بند ڪرايا، غير ملڪي مهمانن کي خدا حافظ چيو: بلاول ڀٽو زرداري

ديامر (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن صدر آصف علي زرداري جي حڪومت سازش تحت ختم نه ڪئي وڃي ها ته ديامر ڀاشا ڊيم اڄ مڪمل ٿي چڪو هجي ها.
ديامر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته وفاق پي ايس ڊي پِي ۾ ٻين ترقياتي رٿائن کان اڳ ديامر ڀاشا ڊيم کي مڪمل ڪري.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجن ڪمن جون دعوائون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن صدر آصف زرداري سي پيڪنه آڻي ها ته اهي اورينج ٽرين ڪيئن ٺاهي سگهن ها؟
پ پ چيئرمين چيو ته پاڪستان لاءِ هن وقت ديامر ڀاشا ڊيم کان اهم ڪو ٻيو منصوبو ناهي، وزيراعظم کي گهرجي ته ان منصوبي لاءِ ”شهباز اسپيڊ“ ڏيکاري.
هن چيو ته پاڪستان تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن گلگت بلتستان ترقي ڪندو، مان چاهيان ٿو ته 18هين ترميم ۾ صوبن کي جيڪي اختيار ڏنا ويا آهن، اهي گلگت بلتستان کي به ملن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارنامن مان هڪ اهو آهي ته هن فوجي اڏا بند ڪرايا.
هن چيو ته صدر زرداري جي حڪومت ۾ ايتري همت هئي جو هن لت هڻي پرڏيهي اڏا بند ڪرايا ۽ اتي موجود مهمانن کي خدا حافظ چيو.
پيپلز پارٽي جي ٽين وڏي ڪاميابي ٻين ملڪن جي اڏن کي بند ڪرڻ آهي، اڄ خطي ۾ جنگ وارو ماحول آهي ۽ حالتون مشڪل آهن، دعاگو آهيون ته جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪامياب ٿين.
هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي رڳو گلگت بلتستان جي عوام ڏانهن واجهائي رهي آهي. جي بي جا عوام 7 جون تي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا، هتان جو پنهنجو جيالو وزيراعظم چونڊيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.