طبي ۽ غذائي ماهرن موجب هر کاڌي کان پوءِ ٿوري دير جي پسار رت ۾ شگر جي سطح کي متوازن رکڻ سان گڏ جسم ۾ اضافي چرٻي جمع ٿيڻ کان به بچائي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پيٽ جي چوڌاري جمع ٿيندڙ چرٻي ٿولهه،ٽائيپ 2 ڊائبٽيز۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌائي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب هر کاڌي کان پوءِ رڳو10 کان 15 منٽن جي معمولي رفتار واري پسار رت ۾ شگر جي سطح کي اوچتو وڌڻ کان روڪي ٿي، جنهن سبب جسم ۾ چرٻي ذخيرو ٿيڻ جو عمل سست ٿي وڃي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هي سادي عادت پيٽ جي چرٻي گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
پسار (واڪ) جا ڪيترائي فائدا آهن. ماهرن موجب ان سان هاضمو بهتر ٿئي ٿو، پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گئس جون شڪايتون گهٽجن ٿيون، رت ۾ شگر متوازن رهي ٿي، جسم جو ميٽابولزم سرگرم رهي ٿو ۽ چرٻي ساڙڻ جو عمل تيز ٿئي ٿو. ان کانسواءِ رت جي گردش ۽ دل جي صحت به بهتر ٿئي ٿي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته کاڌي کان پوءِ 10 کان 15 منٽ انتظار ڪري، پوءِ هلڪي يا وچولي رفتار سان 10 کان 15 منٽ پنڌ ڪيو وڃي. کاڌي کائڻ شرط سخت ورزش يا تيز رفتار پسار کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هي عادت خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڪارائتي سمجهي وڃي ٿي جيڪي پيٽ جي چرٻي،شگر ،شگر کان اڳ واري حالت، هاضمي جي مسئلن يا ٻين مسئلن جو شڪار آهن. ماهرن موجب شروعاتي فائدا هڪ کان ٻن هفتن اندر محسوس ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته پيٽ جي چرٻي ۾ نمايان گهٽتائي چار کان ڇهن هفتن ۾ ڏسي سگهجي ٿي، شرط اها آهي ته متوازن غذا ۽ مناسب مقدار ۾ پاڻي پيئڻ جو به خيال رکيو وڃي.
رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته کاڌي کان پوءِ مختصر چهل پسار هڪ سادي پر ڪارائتي عادت آهي، جنهن جا بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ مستقل مزاجي سڀ کان اهم عنصر آهي.