تهران/ڪويت سٽي/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران خليجي خطي ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي، جتي ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڊرون حملن کانپوءِ اڏامون معطل ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
ڪويتي فوج موجب، ايئرپورٽ جي هڪ ٽرمينل کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون ۽ ميزائل حملن سبب وڏو مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ڪيئي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
اختيارين فوري طور تي ريسڪيو ۽ سيڪيورٽي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته اهي حملا جوابي ڪارروائي جو حصو هئا ۽ آمريڪا لاءِ هڪ سبق هجڻ گهرجي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي ڪارروائيون خليجي خطي ۾ آمريڪي سرگرمين جي جواب ۾ ڪيون ويون آهن.
ٻئي پاسي آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته هن دفاعي ڪارروائي ڪندي ايران جي قشم ٻيٽ تي ”سيلف ڊفينس“ حملا ڪيا ۽ ڪيترن ئي ميزائلن ۽ ڊرونز کي تباهه ڪيو.
آمريڪي اختيارين موجب، ان دوران ڪويت ۽ بحرين ۾ موجود شهري سامونڊي جهاز ۽ اتحادي ملڪ به خطري جي زد ۾ آيا.
رپورٽ موجب، ايران، آمريڪا ۽ علائقائي اتحادين وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڪارروائين سڄي نار ۾ ڇڪتاڻ کي نئين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهڙين رپورٽن کي رد ڪيو آهي ته ايران سان ڳالهيون بند ٿي ويون آهن.
سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا مسلسل جاري آهن ۽ ڳالهه ٻول ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هلي رهي آهي.
خطي ۾ وڌندڙ هن ڇڪتاڻ عالمي سطح تي ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ماهرن موجب جيڪڏهن صورتحال ضابطي ۾ نه آئي ته اها هڪ وڏي علائقائي بحران جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي.