اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجڪاري ڪميشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊسڪوز (بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين) کي نجڪاري ۾ چين، قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
قومي اسيمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ نجڪاري ڪميشن جي اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چين، قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي ڊسڪوز جي نجڪاري ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي رکن ٿا.
اختيارين موجب، چارئي ملڪ مقامي سيڙپڪارن سان گڏجي نجڪاري ۾ حصو وٺندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته عالمي ۽ مقامي سيڙپڪار کي هڪ کان وڌيڪ ڊسڪو جي خريداري جي اجازت نه هوندي.
ڊسڪوز جي نجڪاري لاءِ چين، ترڪي، سعودي عرب ۽ قطر ۾ روڊ شو ڪيا ويندا.
رپورٽ موجب، حڪومت فيسڪو، گيپڪو ۽ آئيسڪو جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.