اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) ايندڙ مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 45 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ان ڏس ۾ پائيڊ ثبوتن ٻڌل هڪ فريم ورڪ تجويز ڪيو آهي، جنهن تحت مالي سال 2026-27 لاءِ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 45 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
پائيڊ موجودا گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار رپين جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال لاءِ 12.5 سيڪڙو واڌ تجويز ڪئي آهي.
پائيڊ جي رپورٽ موجب، گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي پاليسي هاڻي رڳو ليبر ڊپارٽمينٽ تائين محدود معاملو ناهي رهيو، پر اها گهريلو قوت خريد، غربت جي خدشن، غير رسمي روزگار، مقامي طلب، پيداواري ترغيبن ۽ مجموعي سماجي استحڪام تي سڌو سنئون اثر انداز ٿئي ٿي.
ان کان کانسواءِ ايندڙ بجيٽ 2026-27 لاءِ ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو تي ٽيڪس ۾ وڏي گهٽتائ ي جون تجويزون پڻ تيار ڪيون ويون آهن.