35 سالن کان وڏي عمر وارين غير شادي شده عورتن کي به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 35 سال کان وڏي عمر وارين غير شادي شده عورتن کي بي آءِ ايس پي (بينظير انڪم سپورٽ پروگرام) ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد ۾ پي اي سي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪميٽي ميمبر بلال مندوخيل چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غير شادي شده عورتون شامل نه آهن.
بلال مندوخيل جو چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ مدد جون حقدار اهي غير شادي شده عورتون آهن جن جو ڪو به ناهي هوندو.
ان تي بي آءِ ايس پي اختيارين چيو ته 35 سالن کان وڏي عمر وارين غير شادي شده عورتن کي بي آءِ ايس پي ۾ شامل ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.