دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار پليئرز رينڪنگ موجب، نيوزيلينڊ جي ڊيرل مچل جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته ڀارت جي ويرات ڪوهلي جو ٻيو ۽ افغانستان جي ابراهيم زردان جو ٽيون نمبر آهي.
آءِ سي سي ون ڊي بيٽرز جي رينڪنگ ۾ اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ڇهين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا 5 درجا وڃائڻ کانپوءِ 14هين نمبر تي هليو ويو آهي ۽ ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل جو 5هون نمبر آهي.
آءِ سي سي ون ڊي بالرن جي فهرست ۾ افغانستان جي راشد خان جو پهريون نمبر آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو جوفرا آرچر ٻئي ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيشو مهاراج ٽئين نمبر تي موجود آهي.
پاڪستاني اسپنر ابرار احمد ڊگهو ٽپو ڏيندي 7 درجا ترقي کانپوءِ چوٿين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي به 4 درجا ترقي سان 13هين نمبر تي اچي ويو آهي.
آءِ سي سي آل رائونڊرز جي فهرست ۾ افغانستان جو عظمت الله پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته زمبابوي جي سڪندر رضا جو ٻيو ۽ افغانستان جي محمد نبي جو ٽيون نمبر آهي.
آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ سلمان علي آغا 1 درجو تنزلي کانپوءِ 11هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته شاداب خان 75هين نمبر تي آهي.