آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ايشيز سيريز لاءِ آءِ پي ايل جو معاهدو قربان ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پيٽ ڪمنز قومي ذميوارين جي ڪري ايندڙ سال آءِ پي ايل ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.
آسٽريليا کي ايندڙ 12 مهينن ۾ 21 ٽيسٽ ميچون کيڏڻيون آهن، ايندڙ سال آءِ پي ايل ايشيز سيريز کان اڳ کيڏي ويندي، جنهن لاءِ پيٽ ڪمنز ڀارتي ليگ هٿ کڻڻ بابت سوچي رهيو آهي.
ان ڏس ۾ پيٽ ڪمنز جو چوڻ آهي ته ايندڙ سال ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي مون کي ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو، اهو فيصلو ٽيسٽ ڪرڪيٽ يا ون ڊي ورلڊ ڪپ کي ڇڏڻ جو نه هوندو.
هن چيو ته مان ايندڙ سال ويجهو اچي فيصلو ڪندس، فرنچائز سان گڏجي ڏسندس ته ڇا بهتر آهي، شيون بدلجي به سگهن ٿيون، منهنجي هميشه پهرين ترجيح ٽيسٽ ميچون ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ آهي.
پيٽ ڪمنز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مان ڀارت جي دوري ۾ سموريون ميچون کيڏان ٿو ته ايشيز جهڙي سخت سيريز کان اڳ مون کي آرام جي ضرورت هوندي.
واضح رهي ته آسٽريليا کي ايندڙ سال جنوري فيبروري ۾ ڀارت ۾به 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.