احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ٻن مسافر بسن جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هي واقعو ڀارتي رياست گجرات جي ضلعي سورت جي شهر باردولي ويجهو مهاراشٽرا اسٽيٽ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن تحت هلندڙ ٻن بسن جي وچ ۾ پيش آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ بس سورت کان ڌولي وڃي رهي هئي ۽ ٻي بس مهاراشٽرا جي چاليس ڳوٺ کان سورت طرف وڃي رهي هئي، ان دوران مهاراشٽرا ويندڙ بس هڪ ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ڪري بس پنهنجو توازن وڃائي ويٺي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي کان ايندڙ بس سان ٽڪرائجي هاءِ وي تان ڪچي واري علائقي ۾ ڪِري پئي.
پوليس موجب، حادثي کانپوءِ هڪ بس ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ۾ سوار 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 40 جي لڳ ڀڳ مسافر زخمي ٿيا، جن کي ريسڪيو ڪري فوري طبي امداد لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، رياستي حڪومت طرفان فوتين جي وارثن لاءِ 10 لک جي مالي مدد جو اعلان ڪيو ويو آهي.