اسحاق ڊار ذريعي ايران آمريڪا کي ڌمڪي موڪلي؟

اسلام آباد( ابصار عالم )پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ذريعي ايران هڪ ڌمڪي آمريڪا کي موڪلي آهي، ۽ مارڪو روبيو کي هنن پيغام ڏنو آهي. اسحاق ڊار اڃا ظاهر آهي چين جي  دوري کان فوري پوءِ اتان ئي آمريڪا هليو ويو هو ۽ پوءِ سندس اتان جو سرڪاري دورو هو، اتي مارڪو روبيو سان سندس ملاقات ٿي آهي، هاڻي هو پاڪستان واپس اچي چڪو آهي. پر ان کان پوءِ، جئين ئي هو اتان واپس آيو ته اتي آمريڪا ۾ هڪ خبر ليڪ ٿي آهي. سي آئي اي جو هڪ اڳوڻو اهلڪار آهي، جنهن اهو دعويٰ ڪيو آهي ته اسحاق ڊار ايران جو پيغام کڻي آيو هو جنهن ۾ اها ڌمڪي هئي، ۽ اها ڌمڪي مارڪو روبيو کي پهچائي وئي آهي. ان ۾ اهو چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ لبنان تي اسرائيل حملا بند نه ڪيا، ته ان جو جواب ايران ائٽمي حملن جي صورت ۾ ڏيندو.ان سلسلي ۾  اسحاق ڊار سان رابطو ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته  اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ۽ اها هڪ فيڪ نيوز (ڪوڙي خبر) آهي، ان ۾ ڪا به صداقت ناهي. نه ئي ايران اسان کي اهڙو ڪو پيغام ڏنو آهي ۽ نه ئي مان کڻي ويو هئس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.