تهران(عوامي آواز نيوز)تهران ميونسپالٽي ۾ ثقافتي ۽ سماجي معاملن جي نائب سربراهه محمد امين توڪل زاده جو چوڻ آهي ته ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ علي خامنه اي جي نمازِ جنازو ۽ آخري رسمون’ذوالحج جي مهيني جي آخر يا محرم جي شروعات‘ ۾ ادا ڪيون وينديون.ياد رهي ته آيت الله خامنه اي 28 فيبروري تي ايران ۽ آمريڪا جي حملن ۾ شهيد ٿي ويو هو.بي بي سي فارسيءَ موجب، محمد امين توڪل زاده جو چوڻ آهي ته اڳوڻي رهبرِ اعليٰ جي آخري رسمون تهران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪن تائين جاري رهنديون، جڏهن ته مشهد ۽ قُم ۾ پڻ سندن جنازي نماز پڙهائي ويندي. جنازي جي حوالي سان هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ’اسان گاديءَ واري شهر (تهران) ۾ ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ ماڻهن جي آمد جون تياريون ڪري رهيا آهيون.‘محمد امين توڪل زاده موجب ’وصيت ۽ مائٽن جي تجويز تي‘ علي خامنائيءَ جي تدفين مشهد ۾ امام رضا جي مزار ۾ ڪئي ويندي.تهران ميونسپالٽي جي عهديدار جو وڌيڪ چوڻ هو ته علي خامنائيءَ جي تدفين جي موقعي تي پاڪستان، افغانستان، انڊيا ۽ بنگلاديش مان به ماڻهن جي آمد متوقع آهي.