پ پ ڪراچي ۽ بي آءِ ايس پي بچائڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد( سعيد بلوچ+عديل خان) 28هين آئيني ترميم جي سلسلي ۾ اقتدار جي راهدارين ۾ پردي پٺيان رابطا جاري آهن،هي سڀ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو بنيادي طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي کي 28هين آئيني ترميم لاءِ ظاهري طور تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪافي حد تائين اسٽيبلشمينٽ ان ۾ ڪامياب به نظر اچي رهي هئي.ذريعن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.  انهن طئي ٿيل معاملن جون ڪجهه جهلڪيون اسان کي گلگت بلتستان جي سياست ۽ اتي ٿيندڙ جلسن مان به نظر اچي رهيون آهن، جتي بلاول ڀٽو زرداري ڏاڍي پرجوش انداز ۾ اهڙا اعلان ڪري رهيو آهي، جنهن سان اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو ته واقعي به ڪجهه شيون طئي ٿي چڪيون آهن.اسان ڏسي رهيا آهيون ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ ڪافي مضبوط ٿي چڪي آهي، توڙي جو پاڪستان ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي واحد اسٽيبلشمينٽ ئي مضبوط رهي آهي، پر پارليامينٽ يا انتظاميا  جي معاملن ۾ جيڪو دخل اڄ يا گذريل ٻن اڍائن سالن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو رهيو آهي ۽ ان کي موجوده پارليامينٽ جي جيڪا مڪمل حمايت حاصل آهي، ائين ماضيءَ ۾ ڪڏهن به ناهي ٿيو. هي سڀ سلسلو 26هين آئيني ترميم کان شروع ٿيو، ان کانپوءِ 27هين ترميم آئي ۽ هاڻي 28هين آئيني ترميم اچڻ واري آهي.عيد کان اڳ جي ڳالهه آهي ته انمول پنڪي اوچتو پاڪستان پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف جي حوالي سان الزام لڳايا هئا. ان تي قومي اسيمبليءَ ۾ جڏهن راجا پرويز اشرف کان سوال ڪيو ويو ته هو ڪافي پريشان ۽ بيچين نظر آيو. ڪجهه ماڻهن ته اهو به چيو ته پيپلز پارٽي جا ڪيترائي ماڻهو اڳي ئي گرفتار آهن، انمول پنڪي کان صرف انڪشاف ڪرائي، بند ڪمرن ۾ انهن ماڻهن کي انهن ڪيسن ۾ ڦاسائي، پيپلز پارٽي خلاف استعمال ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. پر ظاهري طور ائين ٿو لڳي ته آصف زرداري ان کان اڳ ئي اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئي ڪري ورتا آهن.ٽي کان چار اهڙيون شيون آهن جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي بچائڻ چاهيندي هئي ۽ ان ۾ ڪنهن حد تائين کين ڪاميابي ملي به چڪي آهي. سڀ کان وڏو خدشو اهو هو ته ڪراچي کي ڪنهن به صورت ۾ وفاق جي ڪنٽرول ۾ نه ڏنو وڃي (جيئن ڪنهن زماني ۾ فاٽا وفاق جي زيرِ انتظام هوندو هو). هڪ نئين تجويز اها هئي ته ڪراچي کي وفاق جي ماتحت به ڪيو وڃي ته جيئن وفاق اتي سيڙپڪاري ۽ منصوبن جا فيصلا ڪري سگهي، پر ان سان گڏوگڏ اهو سنڌ جو حصو ۽ گاديءَ جو هنڌ به رهي، يعني صوبو ۽ وفاق گڏجي هلي سگهن. پيپلز پارٽي ڪراچي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻنهي کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي. سڄي ملڪ جي صوبائي سول سروس کي گڏ ڪري هڪ ’يونيوفائيڊ پاڪستان سول سروس‘ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. بجيٽ کان اڳ، هڪ هفتي جي اندر اندر آئيني ترميم کي باقاعده طور تي منظور ڪرائڻ جو پلان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.