”آسٽريلوي رانديگرن لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ڏُکي ٿي وئي آهي“پاڪستان هتان شڪست تي اين هيلي جي ڪينگروز تي تنقيد

سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اين هيلي آسٽريلوي بيٽرن جي اسپينرز کي کيڏڻ جي انداز تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.
اين هيلي چيو ته مون کي ٻين ملڪن جو ته خبر ناهي پر آسٽريلوي رانديگرن لاءِ 50 اوورن واري راند ڏکي ٿي وئي آهي.
هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سموريون پرفارمنسز ٽريوس هيڊ ۽ اسٽيو سمٿ جي چوڌاري ڦرنديون آهن، 50 اوورن واري ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪو به بيٽر گهڻا بال کيڏڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، سڀئي تڙ تڪڙ ۽ بي صبري جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ وڌيڪ بائونڊريز هڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جو چوڻ هو ته پاڪستاني اسپينرن کي کيڏڻ لاءِ توهان کي اڳتي وڌي کيڏڻو پوندو، اٽيڪ ڪرڻو پوندو. پاڪستاني اسپينرن خلاف بال مس ٿيڻ جي ڊپ ۾ مبتلا نه ٿيڻ گهرجي، مان پاڻ کي ڪو ماهر نٿو سمجهان، پر مان ڊين جونز جو ضرور ذڪر ڪندس، هو مخالف اسپينرز جو اثر پنهنجن قدمن جو استعمال ڪري ختم ڪري ڇڏيندو هو.
هن وڌيڪ چيو ته مان به ڪريز ۾ بيهي بال جو اوسيئڙو ڪندو هئس ۽ سويپ يا ڪٽ شاٽ کيڏندو هئس، پر ڊين جونز بال جي لائين تي ڊوڙندو هو. ڊين جونز کي جيڪڏهن اڳتي نڪرڻ جو موقعو نه ملندو هو ته هو ليگ سائيڊ جي گيپ ۾ شاٽس کيڏندو هو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ کيڏيل پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستاني اسپينرن شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي آسٽريلوي بيٽرن کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو هو.
ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ عرفات منهاس 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو هو، جڏهن ته ابرار احمد ٻه ۽ سلمان علي آغا هڪ وڪيٽ ورتي هئي، پاڪستان پنهنجي 1000هين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.