ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 4600 رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 4600 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 76 هزار 362 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ان کانسواءِ 10 گرام سون 3944 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 4 لک 8 هزار 403 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 46 ڊالر واڌ بعد 4540 ڊالر تي پهچي وئي آهي.