تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سرڪاري ٽي وي موجب، هڪ سينئر ايراني اهلڪار جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ٻيهر جنگ اڻٽر آهي.
ايران جي خاتم الانبياءَ سينٽرل هيڊ ڪوارٽرز جي ڊپٽي انسپيڪٽر برگيڊيئر جنرل اسدي جو چوڻ آهي ته اسان بار بار چئي چڪا آهيون ته اسان اڃا تائين پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو مظاهرو ناهي ڪيو، اسان وٽ ڪيترائي آپشن آهن جيڪي وقت اچڻ تي استعمال ڪنداسين.
هن چيو ته آمريڪا مڪمل طور ٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، پر ايراني قوم ڪڏهن به نه جهڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته سرينڊر ڪرڻ ڪو آپشن ناهي، تڪرار اڻٽر آهي، اسان جنگ لاءِ تيار آهيون، اسان کي ان مان ڪو مسئلو ناهي، جيڪڏهن جنگ ۾ نيٽو به شامل ٿئي تڏهن به اسان کي ڪا پريشاني ناهي.