نوٽن تان قائدِ اعظم جي تصوير هٽائي وڃي: شهزاد نواز

پاڪستاني اداڪار شهزاد نواز جي خواهش: ڪرنسي نوٽن تان قائداعظم جي تصوير هٽائي ڇڏڻ گهرجي
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار شهزاد نواز پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پاڪستاني ڪرنسي مان ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير هٽائي وڃي.
ويجهڙ ۾ اداڪار علي سفينه، شهزاد نواز جو انٽرويو ورتو، جنهن ۾ ملڪي حالتن سميت ٻين اهم موضوعن تي ويچار ونڊيا ويا.
علي سفينه چيو ته ”جڏهن به ڪا حڪومت بدلجي ٿي ته توهان کي پنهنجي چوڌاري تبديليون نظر اچن ٿيون، مثال طور هڪ ثقافتي پاليسي چوي ٿي ته قائداعظم ۽ علامه اقبال هيرو آهن، اسان سندن حڪومتي دور ۾ انهن سڀني کي ڏسون ٿا، سندن تصويرون لڳايون وڃن ٿيون، پوءِ ٻي حڪومت انهن جون تصويرون هٽائي پنهنجي اڳواڻن جون تصويرون لڳائي ڇڏي ٿي.“
شهزاد نواز سوال ڪيو ته ”ڇا ائين ٿيو آهي؟ اهو شايد ڪراچي ايئرپورٽ تي ٿيو هو.“ ان تي علي سفينه جواب ڏنو ته ”بلڪل.“
علي سفينه سان گفتگو دوران شهزاد نواز چيو ته ”جيڪڏهن اهو منهنجي اختيار ۾ هجي ها ته مان ڪرنسي نوٽن تان قائداعظم جي تصوير هٽائي ڇڏيان ها، ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۾ شرم ناهي، رشوت وٺي رهيا آهن ۽ ڏئي رهيا آهن، ٺڳيءَ ۾ ملوث آهن، جڏهن ته ڪرنسي نوٽن تي سندن تصوير آهي ۽ هو توهان کي اهي سڀ ڪرپٽ ڪم ڪندي ڏسي رهيا آهن.“
هن چيو ته”جيڪڏهن ساڳئي نموني نوٽن جي سرعام بي عزتي ٿيندي رهي ته ان تصوير جو ڇا فائدو؟ ضياءُ الحق جي دور ۾ هڪ سٺي تبديلي آئي هئي ته نوٽن تي عبارت لکي وئي هئي ته ’رزقِ حلال عين عبادت آهي.“
شهزاد نواز وڌيڪ چيو ته، ”ان کانپوءِ مشرف جي دور ۾ ان عبارت کي ننڍو ڪيو ويو، منهنجي خيال ۾ هاڻي ان کي نوٽن تان هٽائڻ گهرجي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.