واشنگٽن/تل ابيب(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لبنان تي اسرائيلي جارحيت جاري رکڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ”چريو“ ۽ ”ناشُڪرو“ قرار ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم سان ٽيليفون تي انتهائي سخت لهجي ۾ ڳالهايو ۽ لبنان ۾ جارحيت جاري رکڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايران طرفان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي صورت ۾ آمريڪا سان ڳالهه ٻول روڪڻ جي ڌمڪي ڏني وئي هئي، جنهن کانپوءِ صدر ٽرمپ نيتن ياهو سان هنگامي رابطو ڪيو.
رپورٽ موجب، صدر ٽرمپ نيتن ياهو کي خبردار ڪيو ته بيروت تي حملا نه ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسرائيل دنيا ۾ وڌيڪ اڪيلو ٿي ويندو.
صدر ٽرمپ کيس ماضيءَ جي ياد ڏياريندي چيو ته ”جيڪڏهن مان نه هجان ها ته تون ڪرپشن ڪيسن ۾ جيل ۾ هجين ها، مان تنهنجي چمڙي بچائي رهيو آهيان، پر هاڻي هر ڪو توسان ۽ اسرائيل سان نفرت ڪري ٿو. تون ڪهڙا بيوقوفن وارا ڪم ڪري رهيو آهين؟“
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻيون ڀيرو صدارت سنڀالڻ کانپوءِ ٽرمپ جي نيتن ياهو ڏانهن هيءَ سڀ کان سخت ٽيليفون ڪال هئي، جنهن جي جواب ۾ اسرائيلي وزيراعظم رڳو ”اوڪي، اوڪي“ چوندو رهيو.
ٻئي پاسي، صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي اعلان ڪيو آهي ته بيروت ڏانهن ڪا به فوج نه موڪلي ويندي ۽ روانو ٿيل دستا واپس گهرايا ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته اعليٰ سطحي نمائندن ذريعي حزب الله سان سٺو رابطو ٿيو آهي ۽ ٻنهي ڌرين وچ ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو آهي، جنهن تحت هاڻي ڪو به هڪٻئي تي حملو نه ڪندو.