گمبٽ: گمبٽ ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. گمس اسپتال ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 10 مهينن جي مهوش، 12 مهينن جي طالب ۽ 10 مهينن جي شاهزيب ۾ ايڇ آءِ وي جا جراثيم هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گمس اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ داخل 10 مهينن جو احمد جتوئي ايڇ آءِ وي وائرس سبب فوت ٿي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي.
ٻئي پاسي اسپتال انتظاميا طرفان صورتحال کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر متاثر ٻارن جو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي.
گمبٽ: ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي وڌندڙ وبا تي ضابطو نه اچي سگهيو ، وڌيڪ 3 ڪيس سامهون اچي ويا
You might also like