اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران مالي سال 2026-27 جي بجيٽ 5 جون تي پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي اقتصادي ڪائونسل جو 3 جون تي ٿيندڙ اهم اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي.
پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت بجيٽ اجلاس کان اڳ اهم قانون سازي ڪرڻ چاهي ٿي، ان قانون سازي جا ايندڙ وفاقي بجيٽ تي اهم اثر پوندا، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان قانون سازي جي حق ۾ ناهي.
پارلياماني ذريعن موجب، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شگر ويلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ واضح پيغام ڏنو آهي.
پيپلز پارٽي تجويز ڪيل ترميمن جي مخالفت ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ اجلاس کان اڳ ترميمون نه ٿي سگهيون ته ايندڙ مالي سال ۾ تبديليون نه اچي سگهنديون.
پارلياماني ذريعن اهو به ٻڌايو ته پيپلز پارٽي کي پرچائڻ لاءِ اهم شخصيتن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري في الحال گلگت بلتستان ۾ اليڪشن مهم ۾ رڌل آهي، کيس پرچائڻ کانپوءِ ئي بجيٽ اجلاس جي نئين تاريخ ڏئي سگهبي.
ذريعن موجب، امڪان آهي ته وفاقي بجيٽ هاڻي 8 يا 12 جون تي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ 10 جون تي پيش ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي.