ديامر ڀاشا لاءِ 100 ارب ڏنا، پر اڃا تائين ڊيم ناهي ٺهي سگهيو: نواز شريف

گلگت(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ منصوبا شروع ته ٿين ٿا پر ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن، اسان کان سواءِ ڪنهن به جماعت هتي ڪم نه ڪيو آهي، هتان جي رستن جو حال ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو.
گلگت ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جڏهن مان وزيراعظم هئس ته ڪيترائي ڀيرا اسڪردو ۽ گلگت ويو هئس، مان جنهن گلگت کي سڃاڻان ٿو، اهو ڪٿي آهي؟ مان چاهيان ٿو ته گلگت ۾ تمام گهڻي ترقي ٿئي، گلگت ۾ رستن تي کڏا ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو.
هن سوال ڪيو ته مانسهرا کان گلگت تائين روڊ ٺهڻو هو، اُهو ڇو نه ٺهيو؟ مون کي ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته گلگت جو روڊ ڇو نه ٺهيو؟ مان ڪنهن جماعت جي خلاف ڳالهائڻ نه ٿو چاهيان، پر پڇڻ چاهيان ٿو ته شين کي نظرانداز ڇو ڪيو ويو؟
هن چيو ته مان اهو نواز شريف آهيان جيڪو ڪنهن جي برائي يا تنقيد ڪري ووٽ نه گهرندو آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ گهرون ٿا، منهنجو دل روئي ٿو ته توهان جي سهولت لاءِ پئسا ڇو نه لڳايا ويا؟ اهو پئسو ڪاڏي ويو؟ هتي اسپتال ٺاهيون، هائيڊل پاور پلانٽس اسان لڳايا، نگر جو منصوبو اسان مڪمل ڪيو، مون کي ٻڌايو ته ڪنهن ٻي پارٽي ڪو ڪم ڪيو هجي؟
سندس چوڻ هو ته گلگت ايئرپورٽ جيڪو اسان ٺاهي ويا هئاسين، ان کي ڪنهن وڏو نه ڪيو. هتي ته بوئنگ جيٽس اچڻ گهرجن ها.
شهباز شريف سان ڳالهائي هتان جي ايئرپورٽ کي وڏو ڪرڻ جو چوندس، هتي هفتي ۾ 3 اُڏامون اچن ٿيون، 30 پروازون ٿيڻ گهرجن، اسان 9 ڪلاڪن جي سفر کي 3 ڪلاڪن تائين پهچايو.
نواز شريف چيو ته هتي منصوبا شروع ٿين ٿا ۽ ختم ٿيڻ جو نالو نٿا وٺن، هتي پاڻي موجود آهي، سج آهي، هتي ته توانائي جو مسئلو هئڻ ئي نه گهرجي، هتي سياري ۽ اونهاري ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي، مون کي هتي لوڊشيڊنگ منظور ناهي، ووٽ ملي يا نه، الله کي خبر آهي، اسان توهان کي انهن شين کان محروم نٿا ڪري سگهون، توهان ووٽ ڏيو يا نه ڏيو، مان تڏهن به توهان لاءِ ڳالهائيندس. جيڪڏهن هتي اسان جي حڪومت ٺهي ته هر ٻئي ٽئين مهيني هتي ايندو رهندس ۽ منصوبن جي نگراني ڪندس.
نواز شريف چيو ته 2017ع ۾ اين ايف سي لاءِ ڪميٽي بڻائي هئاسين ۽ 2018ع ۾ اسان کي فارغ ڪيو ويو. هتان جي حڪومت هتي ڪيتريون ئي شيون ڇو نظرانداز ڪيون؟ ڪنهن پارٽي هتي ڪنهن منصوبي جي سر به نه رکي.
هن چيو ته لواري ٽنل 70 سالن کان بند هئي، اربين رپيا خرچ ڪري ان کي اسان پورو ڪيو، چاهيان ٿو هتان جي ماڻهن جو علاج هتي ئي ٿئي، ڪنهن کي اسلام آباد يا ٻين شهرن وڃڻو نه پوي، سياحت سان هتان جي ماڻهن کي روزگار ملندو، مان سمجهان ٿو هتان جي ماڻهن کي به گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ملڻ گهرجن، هتان جي آبادي ته تمام گهٽ آهي، سڀني کي گهر ملي ويندا، هتان جي نوجوانن کي بنا وياج قرض ملڻ گهرجن، هتان جي هوشيار ٻارن کي اسڪالرشپ ۽ ليپ ٽاپ به ڏينداسين، عورتن جي يونيورسٽي به قائم ڪئي ويندي.
نواز شريف چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم بڻائڻ لاءِ پنهنجي زماني ۾ 100 ارب رپيا زمين لاءِ ڏنا هئا، زمين ته آهي پر ديامر ڀاشا ڊيم نه بڻيو. 2015ع ۾ 100 ارب ڏيڻ جي باوجود ڊيم اڃا تائين نه بڻيو، ڊيم بڻجڻ جو فائدو توهان کي ۽ باقي پاڪستان کي به ٿئي ها، اسان جي حڪومت هجي ها ته اهي مسئلا نه هجن ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.