”اسرائيلي حملا بند نه ٿيا ته آمريڪا سان ڳالهيون روڪي ڇڏينداسين“

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ ڳالهين واري عمل جي سربراهه باقر قاليباف چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل لبنان تي حملا جاري رکيا ته آمريڪا سان ٿيندڙ ڳالهيون روڪي ڇڏينداسين.
ايراني پاسدارانِ انقلاب جي قدس فورس جي ڪمانڊر اسماعيل قاني چيو آهي ته لبنان ۽ غزا ۾ اسرائيلي ڪارروائيون مزاحمتي محور کي ردعمل ڏيڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون.
مزاحمتي محور باب المندب جي سامونڊي ٽريفڪ سان اهو ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو جيڪا صورتحال آبناءَ هرمز جي آهي.
ٻئي پاسي، ايراني پارليامينٽ جي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن لبنان تي حملا بند نه ٿيا ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.
هن چيو ته اسان صهيوني حڪومت ۽ آمريڪي فوجن کي خبردار ڪيون ٿا ته اها ڪا کوکلي ڌمڪي ناهي، ايران فوجي جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجن کي به ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.