هي ڪو راز ناهي ته پاڻيءَ ۾ ليمي جي رس شامل ڪري پيئڻ سان صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو، پر ڇا توهان کي ان جي ٻين به حيران ڪندڙ فائدن جي ڄاڻ آهي؟
ليمو رڳو ليمو پاڻي يا کاڌن جو ذائقو وڌائڻ لاءِ ئي نه، پر گهر جي ڪيترن ئي ڪمن لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. وٽامن سي سان ڀرپور ليمو صفائي، ڌپ ختم ڪرڻ ۽ جيتن کي ڀڄائڻ ۾ به ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.
مائڪرو ويو جي صفائي
مائڪرو ويو جي اندر اڪثر چرٻي ۽ کاڌي جا ذرا جمع ٿي ويندا آهن. هڪ پيالي ۾ پاڻي ۽ ليمي جي رس ملائي مائڪرو ويو ۾ گرم ڪريو. ان سان اندر جمع ٿيل چرٻي نرم ٿي ويندي ۽ صفائي ڪرڻ آسان ٿي پوندي.
وارن جي خشڪي کان نجات
جيڪڏهن مٿي ۾ خارش ۽ خشڪي تنگ ڪري رهي آهي ته ٻه چانهه جا چمچا ليمون جي رس مٿي تي هلڪي مالش سان لڳايو ۽ پوءِ پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو.
ان کان پوءِ هڪ چانهه جو چمچو ليمي جو رس هڪ پيالي پاڻي ۾ ملائي وارن کي ڌوئو. اهو عمل روزانو ورجايو جيستائين خشڪي ختم نه ٿي وڃي.
جيتن کي پري رکو
ليمي ۾ موجود تيزابيت جي ڪري اهو گهر مان جيتن کي پري رکڻ ۾ ڪارائتو آهي. کٽمل کان وٺي ماڪوڙين تائين، مختلف جيتن خلاف اهو اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
ان لاءِ متاثر هنڌ کي ليمي جي رس ملندڙ پاڻي سان ڌوئو يا سڌو سنئون ليمي جي رس ڇِٽي ڇڏيو.
ڪپڙن جي اڇاڻ وڌايو
جيڪڏهن توهان اڇن ڪپڙن کي وڌيڪ چمڪدار بڻائڻ چاهيو ٿا ته ڌوئڻ واري پاڻي ۾ ليمي جي رس شامل ڪريو. ان سان ڪپڙا وڌيڪ اڇا ۽ تازا نظر ايندا، جڏهن ته انهن ۾ خوشگوار خوشبو به رهندي.
ٿانون کي چمڪايو
ديڳڙيون ۽ ٿانو چمڪائڻ لاءِ ليمي کي اڌ ڪٽي ٿانو جي اندر ۽ ٻاهر مهٽيو، پوءِ نرم ڪپڙي سان صاف ڪريو. ٿانو وڌيڪ صاف ۽ چمڪدار ٿي ويندا.
هلڪي ڌڪن ۾ آرام
ننڍن ڌڪن تي ليمي جي رس جا ڪجهه ڦڙا لڳائي سگهجن ٿا يا ڪپهه کي رس ۾ ڀڄائي متاثر هنڌ تي هڪ منٽ تائين رکي سگهجي ٿو.
فريج جي ڌپ ختم ڪريو
فريج ۾ پيدا ٿيندڙ اڻ وڻندڙ ڌپ ختم ڪرڻ لاءِ ڪپهه يا اسفنج کي ليمي جي رس ۾ ڀڄائي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ فريج اندر رکي ڇڏيو. ان سان ڌپ گهٽجڻ ۾ مدد ملندي ۽ فريج ۾ تازگي محسوس ٿيندي.