پاڪستان ۾ گڏهن جو انگ وڌي ويو، رپورٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شماريات جي وفاقي اداري (بيورو آف اسٽيٽسٽڪس) ملڪ ۾ چوپائي مال بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب گذريل هڪ سال دوران گڏهن، مينهن، ٻڪرين، رڍن، اُٺن ۽ ٻين جانورن جي تعداد ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان ۾ گڏهن جي تعداد ۾ هڪ لک 13 هزار جو وڌارو ٿيو آهي، جنهن بعد انهن جو مجموعي انگ 60 لک 47 هزار مان وڌي 61 لک 60 هزار ٿي ويو آهي.
جاري ڪيل انگن اکرن موجب، مينهن جي تعداد ۾ 14 لک 17 هزار واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان انهن جو مجموعي انگ 4 ڪروڙ 76 لک 88 هزار مان وڌي 4 ڪروڙ 91 لک 5 هزار تائين پهچي ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران رڍن جي تعداد ۾ 3 لک 92 هزار جو اضافو ٿيو، جنهن بعد انهن جو انگ 3 ڪروڙ 31 لک 19 هزار مان وڌي 3 ڪروڙ 35 لک 11 هزار ٿي ويو آهي.
انگن اکرن موجب ٻڪرين جي تعداد ۾ 24 لک 22 هزار واڌ ٿي آهي، جنهن سان انهن جو مجموعي انگ 8 ڪروڙ 93 لک 93 هزار مان وڌي 9 ڪروڙ 18 لک 15 هزار ٿي ويو آهي.
دستاويزن موجب ملڪ ۾ اُٺن جي تعداد ۾ 16 هزار جو اضافو ٿيو، جنهن کانپوءِ انهن جو انگ 11 لک 77 هزار مان وڌي 11 لک 93 هزار ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گهوڙن جي تعداد ۾ 3 هزار ۽ خچرن جي تعداد ۾ 4 هزار واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن بعد گهوڙن جو انگ 3 لک 86 هزار ۽ خچرن جو انگ 2 لک 21 هزار ٿي ويو آهي.
بيورو آف اسٽيٽسٽڪس موجب گذريل هڪ سال دوران ملڪ ۾ چوپائي مال جي مجموعي تعداد ۾ 22 لک 49 هزار جو وڌارو ٿيو ، جڏهن ته چوپائي مال جو ڪل انگ 5 ڪروڙ 97 لک 11 هزار مان وڌي 6 ڪروڙ 19 لک 60 هزار تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.