ايراني صدر جو استعيفيٰ وارو معاملو، حقيقت ڇا آهي؟

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني اختيارين صدر مسعود پزشڪيان جي عهدي تان استعيفيٰ بابت هلندڙ افواهن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
ايران جي ڪيترن ئي سرڪاري عملدارن، جن ۾ حڪومتي ترجمان به شامل آهن، صدر مسعود پزشڪيان جي استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ خبرن جي سخت ترديد ڪندي انهن کي جعلي ۽ مايوسي پکيڙڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.
حڪومتي ترجمان فاطمه مهاجراني، صدر پزشڪيان جي حڪومت جي سڌ سماءَ واري ڪائونسل جي ميمبرن الياس حضرتي ۽ علي احمدنيا ڌار ڌار بيانن ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن ۾ صدر جي مسلسل سرڪاري سرگرمين ۽ ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سندس جاري ڪوششن جو حوالو ڏنو.
ٻئي پاسي ايراني ميڊيا آچر ڏينهن ڪيترين ئي وڊيو رپورٽن جاري ڪيون، جن ۾ صدر مسعود پزشڪيان کي مختلف تقريبن ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
جاري ڪيل رپورٽن ۾ صحافين سان ايراني صدر جي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي، جنهن دوران هن 2026ع جي فٽبال ورلڊ ڪپ سميت مختلف معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر پنهنجا فرض معمول موجب انجام ڏئي رهيو آهي ۽ استعيفيٰ بابت خبرون مڪمل طور تي بي بنياد آهن.
واضح رهي ته ايراني خابرو اداري ”ايران انٽرنيشنل“ سڀ کان پهرين ذريعن جو حوالو ڏيندي اها خبر جاري ڪئي هئي ته ايراني صدر، پاسدارانِ انقلاب طرفان حڪومتي معاملن ۾ مداخلت سبب، استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
ان کان پوءِ آمريڪي ميڊيا سميت ڪيترن ئي بين الاقوامي خابرو ادارن طرفان به اها خبر نشر ڪئي وئي، جنهن بعد ايراني اختيارين ان جي باضابطا ترديد ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.