عمران خان سان اڳوڻي آرمي چيف جي ملاقات جو شوشو طاقتورن ئي پکيڙيو؟

واشنگٽن(معيد پيرزاده )ملڪ ۾  عمران خان ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي هڪ ملاقات جو هُل هلي رهيو آهي. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان هڪ پاڪستاني صحافي رضوان رضي، جنهن کي رضوان دادا چيو ويندو آهي، تنهن اهو شوشو ڇڏيو آهي ته هڪ اڳوڻي آرمي چيف جي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ٿي آهي. ڇو ته جنرل راحيل شريف ملڪ  ۾ ناهي ۽ جنرل مشرف جي وفات ٿي چڪي آهي، تنهنڪري سندس اشارو واضح طور جنرل ڪياني ڏانهن هو. اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل ڪياني جي ويجهن ذريعن واضح ڪيو هو ته اهڙي ڪا به ملاقات ناهي ٿي، نه ئي جنرل ڪياني جي صحت اهڙي آهي جو هو ملاقات ڪري سگهي. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن هڪ ميجر جنرل عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته عمران خان ان کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو.هاڻي ڊاڪٽر شهباز سوال اٿاريو ته پوءِ اهڙيون ڪوڙيون خبرون ڇو پلانٽ ڪيون وينديون آهن؟ ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالهه وڌي وڃي ته عمران خان جو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو موجود آهي، ته جيئن اڳتي هلي عوام ان جي قبوليت لاءِ تيار ٿي وڃي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته طاقتورن رڳو ڪوڙيون خبرون ناهن ڦهلائيندا پر ان سڄي ڊس انفارميشن جو هڪ پورا ڍانچو  تيار ڪري رکيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،سومر 01 جون 2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.