مذهبي انتهاپسندي جا واقعا سنڌ جي رواداري واري ڪلچر جي خلاف آهن:ترقي پسند اڳــــواڻ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند پارٽين جي اڳواڻن جيئي سنڌ محاذ چيئرمين خالق جوڻيجو سنڌين نيشنل ڪانگريس چيف آرگنائيزر محب آزاد، عوامي ورڪرز پارٽي مارڪسٽ بخشل ٿلهو، عوامي ورڪرز پارٽي علي نواز نظاماڻي، پورهيت مزاحمت مسرور شاھ، سنڌ ساگر پارٽي اڳواڻ محمد اسلم ويسر. وطن دوست اڳواڻ عرض محمد رتڙ ۽ نيشنل پارٽي اڳواڻ تاج مري پنھنجي گڏيل بيان ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي  جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اھي واقعا سنڌ جي مذهبي رواداري ۽ انساني ڀائيچاري واري ڪلچر جي منافي ھجڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي قانون جي به خلاف آھن، اھو ڪنھن به ماڻهو يا ڪنهن به گروھ کي حق نٿو بڻجي ته اھو مذھب جي نالي  ۾ ڪنھن جي گھر تي چڙهائي ڪري. بطور شھري سمورن ماڻھن جا حق ۽ حيثيت برابر آهن. ھر انسان پنهنجي عملن لاءِ الله ۽ ملڪي قانون آڏو جوابده آھي. هنن چيو ته جسٽس منير جي 1954ع واري رپورٽ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسلامي رياست ۾ هڪ مسلمان جي تعريف جي سوال تي سمورا عالم هڪ صفحي تي نه آهن. اڳواڻن چيو ته مذهبي انتهاپسندي فرقيواريت ۽ گروھ بندي جي باھ ۾ سڙڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ کي ھر صورت ۾ ۽ ھر قيمت ۾ بچائڻ لاءِ سڀني سڄڻن کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هنن چيو ته مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقي پرستي جي نتيجي ۾ مسلم اڪثريتي ملڪن ۾ جيڪا تباھي ۽ برباديءَ ٿي آھي. سا عالم آشڪار آهي. هنن چيو ته افغانستان، شام. ايران، لبنان کان ويندي سوڊان تائين مسلمانن ھٿان، مسلمانن جو قتلام. تباھي ۽ بربادي جاري آهي، ٻئي پاسي مذهب جي نالي ۾ صهيوني اسرائيلي فلسطين، لبنان سميت ٻين مسلمان اڪثريتي ملڪن تي چڙھايون ڪري رھيو آھي. ان سان ڪو به مهاڏو نٿو اٽڪائي. سنڌ دوست اڳواڻن چيو ته سنڌ ھزارن سالن کان امن ڀائيچاري سان رھندي آئي آهي، جنهن جا 98 سيڪڙو ماڻهو بغير ڪنهن مذهبي فرق جي شاھ لطيف کي پنهنجو رھبر ۽ رهنما مڃين ٿا، جنھن جو مذھب انسان دوستي، رواداري، ڀائيچاري امن ۽ محبت جو آھي. جنھن جي نفرت کان نفرت آهي. ھنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو محب وطن آھن، انھن تاريخ ۾ مذهب جي نالي ۾ ٿيندڙ حملن جو بنا متڀيد ۽ فرقي جي گڏجي مقابلو ڪيو آهي. ھينئر به نفرت، انتھاپسندي جٿابندي کان سنڌ کي بچائڻ لاءِ گڏجي پنهنجو تاريخي روايتي رواداريءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

You might also like