رهڙڪي/ اوٻاوڙو (عوامي آواز نيوز+ن ع آ)رهڙڪي درٻار تي جونئير ذوالفقار ڀٽو جي آمد سائين ساڌ رام جي فرزند روهيت لال ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي پارٽي اڳواڻ گهوٽڪي ضلعي صدر علي نواز
خان سپيو، نظير احمد ڪلهوڙو، معشوق علي ڇڄڻ، سيد وقار شاھ، الياس ملڪ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ گڏ هيا جنهن کان پوءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي ساٿين سان گڏجي ڪم ڪيان ڪجهه نوان دوست به شامل ڪندس پر في الحال مان سماجي ڪم ڪري رهيو آهيان هن ٽائيم مان صحت کاتي ۾ ايڇ آءِ وي تي ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪا خطر ناڪ بيماري آهي،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي زرداري گروپ لاءِ مقابلو ٿيڻ لاءِ ماحول تيار ٿي رهيو آهي هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي آهي غريب عوام سخت پريشان آهي هن وقت سنڌ جا روڊ رستا به تباه آهن ۽ مان پهريون ڀيرو رهڙڪي درٻار تي آيو آهيان سائين ساڌ رام جي وارثن سان ڏک ۾ شرڪت لاءِ، هاڻي عوام کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اسان جي پارٽي آهي سنڌ جو سياسي ماحول تبديل ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي اهي جماعتون به متحرڪ ٿي رهيون آهن جيڪي پهريان خاموش يا غير فعال هيون،هن چيو ته ماڻهو هاڻي موجوده سياسي صورتحال مان تنگ اچي چڪا آهن.”چون ٿا ته ڪيترن ئي سالن کان پ پ جي سامهون ڪو به مضبوط سياسي مقابلو موجود نه هو، ان ڪري عوامي مسئلن تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. منهنجي ڪوشش آهي ته سڀئي پراڻا سپورٽرز ۽ اهي ماڻهو جيڪي ٻيهر جڙڻ چاهين ٿا، تن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو وڃي. جڏهن سڀ ماڻهو متحد ٿي ويندا ته ان کانپوءِ چونڊن بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو صحت جي شعبي جو ذڪر ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته سنڌ جي اسپتالن ۾ دوائن جي سخت کوٽ آهي ۽ ڊاڪٽرن کي پگهارن جي ادائيگي سميت ڪيترائي انتظامي مسئلا درپيش آهن. تنهن هوندي، هن مثبت پهلوءَ جو اعتراف ڪندي اهو به چيو ته پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪجهه سٺا ڪم به ٿيا آهن، خاص طور تي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ (چلڊرن وارڊ) جي حالت کي هن بهتر قرار ڏنو،ان کان اڳ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن گهوٽڪي ضلعي ۾ پھتو ته ضلعي اڳواڻن علي نواز خان سپيو نظير احمد ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ مير پور ماٿيلو بائي پاس تي پرجوش انداز ۾ گلن جي ورکا سان استقبال ڪيو ويو