اسلام آباد) اسد علي طور) هاڻي هائبرڊ نظام جا وزير پنهنجي ئي بار هيٺ دٻجڻ لڳا آهن ۽ هاڻي سندن دانهون نڪري رهيون آهن. پنهنجي بيوسي، اختيار نه هجڻ ۽ ڪرپشن تي حڪومتي وزير به آواز اٿاري رهيا آهن،، هائبرڊ نظام گرائونڊ تي ڊليور ناهي ڪري سگهيو ۽ ان جو خوف هن هائبرڊ نظام کي کائي رهيو آهي ته اسان آمريڪا جي ويجهو اچي ويا آهيون، هي ٿي ويو، اهو ٿي ويو، پر عام ماڻهو جيڪو سوال پڇي رهيو آهي ان جو جواب هن هائبرڊ نظام وٽ ناهي.توهان کي معلوم آهي ته هي نظام اسان شروع کان چئي رهيا آهيون ته ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي. نون ليگ وارا وڏي واڪي چئي رهيا آهن ته شهباز شريف وزيراعظم آهي، پر هو ته هن دور جو "عثمان بوزدار پلس” آهي. عثمان بوزدار پلس جي دور ۾ گذريل ڏينهن خواجه سعد رفيق چيو ته ڀائي مون کي به هنن وڃڻ نه ڏنو، منهنجي به فلائيٽ هئي اسڪردو جي، ۽ راولپنڊي پوليس ايئرپورٽ وڃڻ جو رستو بلاڪ ڪيو ۽ ٽي ٻار خواجه رفيق پاڻ رلندي ڏٺا، هو شرمسار ٿي واپس هليو آيو ۽ ڪري ڪجهه به نه سگهيو، هوڏانهن خواجا آصف چوي ٿو ته منهنجي گهريلو ملازم جي ڳوٺ ۾ ڪلهه ٽرانسفارمر سڙي ويو، ليسڪو جي هڪ پراڻي مهربان سي اي او کي فون ڪري چيو ته مهرباني ڪري ڪنهن کي چئو، ملازمن ٽرانسفارمر مرمت ته ڪري ڏنو پر ان جا 80 هزار روپيا ورتا. ڳوٺ وارن چندو گڏ ڪري ليسڪو جي ملازمن کي ادا ڪيو، پر ملازمن رسيد ڪنهن کي به نه ڏني، باقي اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا. هي حال آهي هڪ اڳوڻي بجلي جي وزير جو ۽ موجوده ڪابينا جي رڪن جو، جنهن جي سفارش جي باوجود هنن واردات ڪرڻ کان پاسو نه ڪيو، ته عام واهپيدار جو ڪهڙو حال هوندو؟ خواجه آصف وفاقي وزيرِ دفاع آهي، اڳوڻو پاڻي ۽ بجلي جو وزير رهيو آهي هن جيڪو هي ٽوئٽ ڪيو آهي، توهان کي ڇا ٿو لڳي ته ٽوئيٽ ڪرڻ کان اڳ هن موجوده توانائي جي وزير اويس لغاري، سيڪريٽري پاور يا چيئرمين واپڊا سان رابطو نه ڪيو هوندو؟ چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ محمد سجاد آهن. جنهن وقت انهن سڀني خواجا صاحب کي جهنڊي ڏيکاري ڇڏي ته ڀائي پئسا ته کاڌا پيا وڃن، ته بس کاڌا پيا وڃن، تڏهن خواجه صاحب تنگ ٿي ٽوئٽ ڪيو هوندو ٻئي پاسي صحافي فهد حسين پڻ هڪ آرٽيڪل لکيو آهي. فهد حسين گذريل دور ۾ حڪومت جو حصو به رهيو آهي ۽ نظام کي اندر کان تمام ويجهو ڏٺو اٿس. هن ان آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته 54 رڪني ڪابينا آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ 54 رڪني ڪابينا هجڻ ئي نه کپندي هئي، پر هتي آهي. هن چيو ته ان مان صرف ٽي وزير ڪم ڪن ٿا يا ڪم ڪندي نظر اچن ٿا، هڪ علي پرويز ملڪ جيڪو وفاقي وزيرِ پيٽروليم آهي، توانائي جو وزير اويس لغاري ۽ آءِ ٽي جي وزير شزا فاطمه خواجه، جيڪا خواجه آصف جي ڀاڄائي يا مٽ مائٽ آهي. هن چيو ته انهن کان علاوه 54 مان 51 وزير ڪم ئي نٿا ڪن. هن چيو ته ڪيترن ئي وزيرن وٽ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، هو صرف پي ٽي وي جي ڪيمرامين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائين ٿا، ميسيج رڪارڊ ڪرائي هلائي ڇڏين ٿا ۽ چون ٿا ته هن کي ميڊيا سان ڳالهائي هلايو. هو لکي ٿو ته اهي وزير ايترا ڊنل آهن جو ميڊيا کي منهن نٿا ڏيکاري سگهن، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته جيڪا ڳالهه هو ڪندا، صحافي سوال ڪندا ۽ هو نه ته سوالن کي منهن ڏئي سگهن ٿا ۽ نه عوام کي، جن کي هنن ڳرن ٽيڪسن ۽ بجلي جي قيمتن هيٺ دٻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻي اهي سڀ ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجون ريلز هلائي ڇڏين ٿا ته پروٽوڪول ۾ اچي رهيا آهن، چار ماڻهن سان هٿ ملائي رهيا آهن. ملاقاتون به تڪ ۾ ناهن هونديون، پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ ٽي چار پنهنجن ماڻهن سان ملاقات ڪري وٺندا آهن،ان تي مسلم ليگ ن جي پراڻي اڳواڻ محمد عاصم خان هڪ ٽوئيٽ ۾ شهباز رانا ۽ فهد حسين کي ٽيگ ڪري چيو آهي ته ذرا اها به تحقيق فرمائي ڏيندا ته ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ فيس بڪ تي جاري ڪيون ويندڙ سرڪاري ريلز قومي خزاڻي تي روزاني ۽ هفتيوار ڪيترا ڪروڙ يا لک روپيا بوجھ وجهي رهيون آهن؟ ۽ انهن سمورن خرچن جي نتيجي ۾ آخر ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا واقعي انهن مھمن سان حڪومت، رياستي پاليسين يا لاڳاپيل وزيرن جي ڪارڪردگي بابت ڪا مثبت عوامي راءِ قائم ٿي رهي آهي، يا وري هي سڀ ڪجهه صرف مخصوص ماڻهن ۽ ڪمپنين جو ڪاروبار چمڪائڻ جو ذريعو بڻجي ويو آهي؟ جيڪڏهن هفتيوار 60 کان 80 لک روپيا صرف ان ڪري خرچ ڪيا ويندا هجن ته چند مخصوص ماڻهن جو ڪاروبار هلندو رهي، جڏهن ته ان جو سياسي، حڪومتي يا عوامي سطح تي ڪو قابلِ ذڪر فائدو خود لاڳاپيل وزير تائين به نه پهچي رهيو هجي، ته پوءِ ان کان وڏي نااهلي، بدانتظامي ۽ وسيلن جو زيان شايد ئي ڪو ٻيو هجي. اصل سوال صرف خرچن جو ناهي پر نتيجن جو آهي، قوم جو پئسو جيڪڏهن خرچ ٿي رهيو آهي ته قوم کي اهو ڄاڻڻ جو پورو حق آهي ته ان جي بدلي ۾ عوامي اعتماد، حڪومتي ساک ۽ پاليسي اميج ۾ حقيقي طور تي ڪيتري واڌ ٿي.ليگي اڳوان محمد عاصم خان جيڪو اشارو ڪري رهيو آهي، اهو ٻڌائي رهيو آهي ته انهن حڪومتي وزيرن ۽ مختلف وزارتن پنهنجي اميج بلڊنگ لاءِ سوشل ميڊيا ڪمپنين کي لکن ۽ ڪروڙن روپين جا ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا آهن ته توهان ذرا وزير جي پروفائيل کي وڌائي ڏيکاريو ته وزير صاحب وڏو شاندار ڪم ڪري رهيو آهي، انهن اڪائونٽس جي پهچ ۽ عوام ۾ نتيجا وڃي ڏسو ته ٽڪي جو به نتيجو ناهي. هتي اهڙا اهڙا ماڻهو پي ٽي وي ۾ ڀرتي ڪيا ويا آهن، ڪو نون ليگ سان جڙيل اينڪر جو ماڻهو آهي ته ڪو ڪجهه آهي، ان سڀ جي باوجود جيڪڏهن عوام چوي ته رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ تحت اسان کي معلومات ڏيو ته توهان ڪيترو خرچ ڪري رهيا آهيو، چاهي وزيراعليٰ مريم نواز کان پڇيو وڃي ته توهان ڪيتريون گاڏيون ورتيون، ڪيترا جهاز ورتا، ڪيترا توهان جي چيف منسٽر سيڪريٽريٽ جا خرچ آهن، ته انهن به ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت کان به گهريو وڃي ته نٿا ڏين. صحافي صدف ظفر لکندي رهندي آهي ته ڪڏهن پي ٽي وي جي پگهارن جو ٻڌايو، فلاڻي جو ٻڌايو، پر رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ تحت کيس ڪا معلومات نٿا ڏين. عوامي پئسي جو زيان ٿي رهيو آهي،هاڻي ٻڌايو نه ته اهڙي صورت ۾ هي ملڪ ڪيئن هلي رهيو آهي؟ هاڻي وزير به رڙيون پيا ڪن ته اسان ته بي اختيار آهيون. بيشڪ هي عوام کي ڊليور ناهن ڪري سگهي رهيا، ڪو ڪم ناهن ڪرائي سگهي رهيا، گورننس ٺيڪ نه ڪري سگهيا، سندن وٽ اختيار ناهن پر قوم جي پئسن تي پلجي ته رهيا آهن پروٽوڪول جون گاڏيون مليل آهن، گھمي رهيا آهن ،حالت اها آهي گورننس جي جو هاڻي جيڪو ايف بي آر هن سال 864 ارب روپيا شارٽ فال ڪيو آهي، اهڙي طرح حڪومت ان سڀ جي باوجود پيٽروليم ليوي وڌائي 100 کان مٿي کڻي وئي، 117 روپين تائين پيٽروليم ليوي کڻي ويا ته اسان هي خسارو گهٽ ڪريون، ۽ پوءِ هنن ڊيولپمينٽ بجيٽ تي به ڪٽ لڳائي ڇڏيو ته عوام تي پئسو خرچ نه ڪريو، صرف عوام کي نپوڙيو ته جيئن ٽيڪس ريوينيو ٽارگيٽ پورو ٿئي، ان جي باوجود 864 ارب روپين جو نقصان ٿيو. هن سال حڪومت 5,054 ارب روپين جو انڪم ٽيڪس منهنجي ۽ توهان جي کيسي مان ڪڍيو آهي، ان جي باوجود 261 ارب روپين جو کين ان ۾ اڃا به ٽارگيٽ مس ٿي ويو، جيڪو مقرر ٽارگيٽ کان 13 سيڪڙو گهٽ آهي. سيلز ٽيڪس ۾ 3,780 ارب روپيا هنن اسان جي کيسن مان ڪڍيا جيڪي اسان مختلف شيون خريد ڪريون ٿا ان تي سيلز ٽيڪس ڏيون ٿا، ان جي باوجود 457 ارب روپيا هي ٽارگيٽ کان هيٺ هو. فيڊرل ايسڪائيز ڊيوٽي جي ڪليڪشن ۾ به 31 ارب روپيا هنن گهٽ گڏ ڪيا، ڪسٽم ڊيوٽي ڪليڪشن ۾ به 116 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي. ٻئي پاسي گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ کي چونڊ مهم هلائڻ نٿي ڏني وڃي، ان ڪري آزاد ڪشمير ۾ به مظاهرين جي ڪميٽي کي چيو اٿن ته مهاجرن واريون سيٽون ختم نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي اتي به هارائي ويندا، گلگت بلتستان ۾ به هارائي ويندا، ماڻهو هن نظام کان بيزار ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن ايران آمريڪا ٽياڪڙي سان هن حڪومت جي عوام ۾ عزت وڌي ها ته هي گلگت بلتستان ۾ کٽي وڃن ها، ڇاڪاڻ ته اسڪردو ۽ گلگت بلتستان ۾ اڪثريت اسان جي شيعا ڀينرن ۽ ڀائرن جي آهي ۽ سندن ايران سان گهري وابستگي ۽ جذباتي لڳاءُ آهي، هو ته خوش ٿي توهان کي ووٽ ڏين ها ته توهان ايران ۽ آمريڪا ۾ معاهدو ڪرايو آهي، سيز فائر ڪرايو آهي. پر توهان کي خبر آهي ته ان جي باوجود هو توهان کي ووٽ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته ماڻهن جي گهرن ۾ چلهيون وسامي ويون آهن،حڪمرانن ماڻهن جي وات مان ماني کسي ورتي آهي، ۽ ان ڪري ئي هي عمران خان کان ڊڄي رهيا آهن.
خراب ڪارڪردگي سبب وزير ميڊيا آڏو اچڻ کان انڪاري
اسلام آباد( ثناءُ الله خان) وفاقي وزير توانائي اويس لغاري جي پريس ڪانفرنس، خواجه آصف جو ٽوئٽ ۽ فهد حسين جو ڪالم پاڪستان ۾ گورننس جي سسٽم، سياست، ڪرپشن ۽ ادارن جي تباهي جي حوالي سان تمام اهم آهن. سڀ کان پهريان اويس لغاري جي پریس ڪانفرنس جي ڳالهه ڪنداسين. فهد حسين پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته وزير ميڊيا کان منهن لڪائيندا وتن ٿا، پر اويس لغاري بهادر ماڻهو آهي جنهن پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ رپورٽرن کي گهرايو. پر هن جيڪي ڳالهيون ڪيون اهي حيران ڪندڙ آهن. هو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته گذريل ٻن سالن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ هن انگ اکر به ٻڌايا، پر حيراني جي ڳالهه اها آهي ته سندس دعويٰ پنهنجي جڳهه تي، پر جيڪڏهن ڪو به پاڪستاني پنهنجو بل کڻي ڏسي، چاهي اپريل 2026 جو بل هجي يا ان جي ڀيٽ گذريل سالن سان ڪري، ته کيس معلوم ٿيندو ته بل جو حجم ٻيڻو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان 200 يونٽن تائين جي واهپيدارن کي سبسڊي ڏئي وڏو احسان ڪري رهيا آهيون. هاڻي کين اها به تڪليف آهي ته ماڻهو 200 يونٽن تائين بجلي ڇو استعمال ڪري رهيا آهن، هو وڌيڪ بجلي ڇو نٿا ٻارين؟ جنهن طرح کين سولر، اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اليڪٽرڪ گاڏين مان تڪليف آهي، ائين ئي هاڻي غريبن جي 200 يونٽن مان به تڪليف اٿن. ٻئي طرف، خواجه آصف گذريل ڏينهن ٽوئٽ ڪيو ته جڏهن سندس گهريلو ملازم جي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر سڙي ويو ته ان کي ٺهرائڻ لاءِ کيس سفارش ڪرڻي پئي، ۽ ليسڪو جي اهلڪارن مرمت ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ وارن کان 80 هزار روپيا ورتا ۽ رسيد به نه ڏني. ان ٽوئٽ تي وڏو بحث شروع ٿي ويو. اويس لغاري ميڊيا جي سوالن کان پهريان ئي چيو ته خواجه آصف اسان جو سينيئر وزير آهي ۽ اسان جي پارٽي ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي آهي، اسان ان تي ايڪشن کڻندي ليسڪو جي هڪ لائن سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻن لائن مينز کي سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي. پر خواجه آصف جو هي پهريو ٽوئٽ ناهي، ڪجهه مهينا اڳ هن ٽوئٽ ڪيو هو ته اسان جي بيوروڪريسي ڪرپشن ڪري پرتگال ۾ پراپرٽيون خريد ڪري رهي آهي. هن هڪ ٽي وي شو ۾ چيو هو ته مان پارليامينٽ لاجز ۾ رهان ٿو پر اتي فليٽن جي حالت ايتري خراب آهي جو دروازا ۽ کڙڪيون ٽٽل آهن، مون وزيراعظم ۽ محسن نقوي کي به چيو پر اهي مرمت نه ٿي سگهيا. هڪ سينيئر وزير جي هي بيوسي سادي ڳالهه ناهي. جڏهن ته منسٽر ڪالوني ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي وزير به ناهن پر سرڪاري پئسن سان انهن جي گهرن جي پنج پنج ڪروڙ روپين جي رينيويشن ٿي آهي.فيبروري 2024 جي چونڊن کانپوءِ شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ بعد خواجه آصف جون اهڙيون ڳالهيون تمام معنيٰ خيز آهن. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هي ٽوئٽ ميان نواز شريف جي مرضي سان ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته پارٽي ۾ گروپ بندي آهي. چونڊن کان اڳ چيو پئي ويو ته نواز شريف وزيراعظم ٿيندو پر پوءِ قبوليت جو مسئلو ٿيو يا ميان صاحب پنهنجي ڌيءَ کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو. هينئر سندس ڀاءُ وزيراعظم آهي، ڌيءَ وزيراعليٰ آهي، مائٽ نائب وزيراعظم آهي ۽ ناٺي کي پنجاب ۾ صلاحڪار رکيو ويو آهي. ان سڀ جي باوجود خواجه آصف جو هي ٽوئٽ پوري گورننس سسٽم جي خلاف هڪ چارج شيٽ آهي. ان تي صرف لغاري وارو ردعمل ڪافي ناهي، هي معاملو ايترو سادو ناهي ته هڪ وزير پنهنجي فليٽ جو دروازو به ٺهرائي نٿو سگهي ۽ وزيراعظم يا گهرو وزيرسندس نٿا ٻڌن. بجيٽ سيشن ۾ خواجه آصف کان ضرور سوال ٿيندا.آخر ۾، فهد حسين پنهنجي ڪالم ۾ بالڪل صحيح لکيو آهي ته جمهوريت ۾ وزيراعظم، وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ميڊيا جي سامهون اچي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻي هوندي آهي ته عوام جي زندگي بهتر ڇو نٿي ٿئي ۽ مشڪلاتون ڇو آهن، پر هتي وزير منهن لڪائي رهيا آهن ۽ پي ٽي وي جو ڪيمرامين گهرائي رڪارڊڊ پيغام هلائي ڇڏين ٿا. پر فهد حسين جنهن ڳالهه جو ذڪر ناهي ڪيو، اهو مان ڪريان ٿو؛ شهباز شريف مارچ 2024 ۾ وزيراعظم بڻجڻ کان وٺي اڄ تائين ڪا به پريس ڪانفرنس يا ميڊيا ٽاڪ ناهي ڪئي، هو ميڊيا کي منهن ڏيڻ کان لنوائي ٿو. جيڪڏهن دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏينهن ۾ چار ڀيرا ميڊيا سان ڳالهائي سگهي ٿو ته اسان جو وزيراعظم ڇو نٿو ڳالهائي؟ صحافين جي پٺيان عوام جا سوال هوندا آهن، پر هي حڪومت سوالن کان ڀڄي رهي آهي. جڏهن ڪارڪردگي نه هوندي ته توهان ميڊيا کي به منهن نه ڏئي سگهندا
خواجا آصف جو ليسڪو خلاف ٽوئٽ، 3 اهلڪار معطل
اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجه آصف جي ٽوئيٽ کان پوءِ ليسڪو جا ٻه لائين مين ۽ هڪ لائين سپرنٽنڊنٽ معطل ٿي ويا، ٽرانسفارمر جي تبديلي ۽ رشوت جي الزام واري معاملي تي جاچ شروع، اعليٰ سطحي انڪوائري جاري، دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جي ليسڪو خلاف ڪيل ٽوئيٽ کانپوءِ ليسڪو جي ٻن لائين مينن ۽ هڪ لائين سپرنٽنڊنٽ کي معطل ڪيو ويو، ايڪسئين ڦول نگر ڊويزن موجب لائين سپرنٽنڊنٽ محمد حسين، لائين مين شوڪت ۽ لائين مين فلڪ شير کي عارضي طور معطل ڪيو ويو، ايڪسئين ڦول نگر جو چوڻ آهي ته 200 ڪلو واٽ جو ٽرانسفارمر سڙڻ کان پوءِ اتي 100 ڪلوواٽ جو ٽرانسفارمر لڳايو پئي ويو پر ڳوٺاڻن ۽ خواجه آصف جي ڪوآرڊينيٽر ليسڪو عملي کي ڪم کان روڪي ڇڏيو، سندس موجب هن پاڻ چڪ 27 جو دورو ڪيو، جتي ڪنهن به شخص ليسڪو عملي کي رشوت ڏيڻ بابت ڪو ثبوت فراهم نه ڪيو، واضح رهي ته خواجه آصف سوشل ميڊيا تي شڪايت ڪئي هئي ته سندس ملازم جي ڳوٺ جو ٽرانسفارمر 80 هزار رپيا رشوت وٺڻ کانپوءِ تبديل ڪيو ويو، ليسڪو ذريعن جو چوڻ آهي ته شبير نالي هڪ خانگي شخص ڳوٺ مان پئسا گڏ ڪيا هئا، جنهن جو ليسڪو سان ڪو به واسطو نه هو، ذريعن موجب خواجا آصف جي ٽوئيٽ تي اعليٰ سطحي جاچ جاري آهي، جڏهن ته چيف ايگزيڪيوٽو ليسڪو جي هدايت تي ڊائريڪٽر سرويئلينس اينڊ انسپيڪشن جي ٽيم معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي.