بيروت (م ڊ) اسرائيلي فوج طرفان ڏکڻ لبنان ۾ بمباري جاري، رهائشي عمارتون نشانو، مصر ۽ لبنان پاران اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪئي وئي، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي اهم جبلائي علائقي ۽ بيفورٽ قلعي تي قبضي جي دعويٰ پڻ ڪئي، جڏهن ته رپورٽن موجب صهيوني فوج 26 ورهين بعد پهريون ڀيرو لبنان جي سرحد اندر ايتري گهري داخل ٿي آهي، عرب ميڊيا موجب اسرائيل لبنان جي لڳ ڀڳ 2 هزار چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل 20 سيڪڙو علائقي تي قبضو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته نبطيه شهر جي وڌيڪ علائقن کي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن، صهيوني فوج طرفان مختلف علائقن ۾ بمباري جو سلسلو به جاري آهي، لبناني ميڊيا جي رپورٽن موجب حملن دوران رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن اندر موجود ڪيترائي شهري شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، ٻئي طرف لبناني وزيراعظم اسرائيلي قبضي جي سخت مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته مصر لبنان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي اسرائيلي فوج جي فوري واپسي جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن حزب الله طرفان اتر اسرائيل تي راڪيٽ حملا جاري آهن، جنهن کانپوءِ اسرائيلي فوج اسڪولن ۽ سامونڊي ڪنارن کي بند ڪري ڇڏيو، ڏکڻ لبنان ۾ هڪ وڌيڪ اسرائيلي فوجي جي مارجي وڃڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي.