تل ابيب(ويب ڊيسڪ)حزب الله جي راڪيٽن ۽ ڊرون حملن کان پوءِ اسرائيل سرحدي علائقن ۾ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي فوج موجب اترين سرحدي علائقن ۾ سڀئي اسڪول سومر ڏينهن بند رهندا، جڏهن ته عوامي گڏجاڻين تي به پابندي لڳائي وئي آهي ۽ هڪ هنڌ وڌ ۾ وڌ 50 ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي اجازت هوندي. اتر اسرائيل جا سامونڊي ڪناري وارا علائقا به بند ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي اسرائيل جي صحت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته اتر واري علائقي ۾ موجود هڪ ميڊيڪل سينٽر کي حفاظتي قدمن تحت زمين هيٺان قائم محفوظ ڪمپليڪس ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.