پاسداران انقلاب پاران ايراني حدن ۾ داخل ٿيندڙ آمريڪي ڊرون تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ايران جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ آمريڪي ايم ڪيو ون ڊرون کي ڪيرائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

پاسدارانِ انقلاب موجب هي ڊرون صبح جي وقت ايران جي حدن ۾ داخل ٿيو هو. نگراني ۽ مانيٽرنگ نظامن ان کي فوري طور سڃاڻي ورتو، جنهن کان پوءِ جديد فضائي دفاعي ميزائل نظام ذريعي ان کي نشانو بڻائي ڪيرائي تباهه ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.