ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بجلي جي شديد لوڊشينگ سان شهري ڏکيائين جو شڪار ٿي ويا، مخلتف علائقن ۾ لوڊ شينگ 12 ڪلاڪ کان وڌي وئي.
رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقن اورنگي، ڪورنگي، لياري، ماڙي پور ۽ لائينز ايريا ۾ لوڊ شينگ روزاني زندگي متاثر ڪري ڇڏي، قائدآباد، ملير، منگهوپير، ڪياماڙي، سرجاني ۽ نيو ڪراچي ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشينگ ٿي رهي آهي.
خابرو اداري جي رپورٽ موجب سولجر بازار، هاڪس بي روڊ ۽ گلشن معمار ۾ رهندڙ ماڻهو به لوڊشينگ کان پريشان ٿي ويا جڏهن ته ملير ۽ لانڍي ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رهڻ لڳي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل بندش خلاف اورنگي ٽائون سميت مخلتف علائقن ۾ شهري احتجاج ڪري رهيا آهن. اورنگي ۽ بلديا ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ 2 کان 3 ڏينهن تائين بجلي غائب رهڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، شهرين مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊشينگ فوري ختم ڪئي وڃي.
ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ پاران 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ کان انڪار ڪندي چيو ويو ته بجلي جي بندش بلن جي عدم ادائيگي سبب ٿي رهي آهي.