ڪراچي ۾ فيڪٽري اندر فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ بي ايريا ۾ هڪ فيڪٽري اندر فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ 34 ورهين جي قادر ۽ 35 ورهين جي علي گوهر طور ٿي آهي، ٻنهي جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.