خطرناڪ ۽ عام بيماري جي سڃاڻپ ۾ اڳڀرائي، ورهين اڳ ڄاڻي مرض کان بچي سگهجي ٿو

ماهرن الزائمر جي شروعاتي سڃاڻپ لاءِ رت جي ٽيسٽ ۽ دماغي اسڪين جي ٻن نون طريقن کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اهي طريقا بيماري جون علامتون ظاهر ٿيڻ کان ڪيترائي سال اڳ ئي ان جا آثار سڃاڻي سگهن ٿا.

برطانيا ۾ 5 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهو الزائمر جو شڪار آهن، جيڪو ڊيمينشيا جي سڀ کان عام قسم ۽ ملڪ ۾ موت جو هڪ وڏو سبب آهي. جيتوڻيڪ هن بيماري جو مڪمل علاج موجود ناهي، پر شروعاتي سڃاڻپ سان ان جي رفتار کي سست ڪري ۽ علامتن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.

رت جي ٽيسٽ ۾ اهڙا پروٽينز (اميولوئڊ بيٽا ۽ ٽائو) سڃاتا ويا آهن جيڪي دماغي ڪمزوري ۽ ياداشت جي گهٽتائي سان لاڳاپيل آهن.

آمريڪي تحقيق ۾ 61 سالن جي وچ عمر وارن 1,350 ماڻهن تي تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڌيڪ بائيو مارڪر رکندڙ ماڻهن جي ياداشت ۽ دماغي ڪارڪردگي ڪمزور ملي. هي ٽيسٽ آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (FDA) کان منظور ٿي چڪو آهي، پر برطانيا ۾ اڃا تائين دستياب ناهي.

دماغي اسڪين جي ٻي مطالعي ۾ هڪ نئون ريڊيئيشن ٽريسر (MK6240) استعمال ڪيو ويو، جيڪو هاڻوڪي طريقن جي مقابلي ۾ ٻه ڀيرا وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو ۽ شروعاتي مريضن ۾ ٽائو پروٽين جي موجودگي وڌيڪ بهتر نموني ظاهر ڪئي.

ماهرن موجب اهي نتيجا نه رڳو تحقيق ۽ ڪلينڪل ٽرائلز لاءِ اهم آهن، پر مستقبل ۾ نيشنل هيلٿ سروس (NHS) کي الزائمر جي علاج لاءِ ٻن نون دوائن (ڊونانيماب ۽ ليڪانيماب) جي منظوري تي به راضي ڪري سگهن ٿا، جن کي اڳ ۾ اگهن جي ڪري رد ڪيو ويو هو.

الزائمر سوسائٽي ۽ ٻين ماهرن انهن نتيجن کي ”حوصلو ڏيندڙ“ قرار ڏنو آهي، پر وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهي ٽيسٽ عام طبي استعمال لاءِ محفوظ ۽ مؤثر ثابت ٿي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.