آبناءِ هرمز مان ٽيڪس وصولي: قطر هاڻوڪي ايراني فيصلن جي حمايت ڪري ڇڏي

دوها(ويب ڊيسڪ)قطر اعلان ڪيو آهي ته آبناءِ هرمز مان گذرندڙ بحري جهازن کان عارضي ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ کي جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو، پر مستقل بنيادن تي اهڙي ٽيڪس جي سخت مخالفت ڪئي وئي آهي.

سنگاپور ۾ ٿيل شنگريلا ڊائلاگ سيڪيورٽي فورم ۾ خطاب ڪندي قطر جي نائب وزيراعظم شيخ سعود عبدالرحمان الثاني چيو ته مستقل ٽول ٽيڪس جي وصولي جو بار نيٺ واهپيدارن تي پوندو، جيڪو قابل قبول ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران بارودي سرنگن جي صفائي ۽ ٻين ضروري قدمن لاءِ عارضي طور ٽول ٽيڪس وٺي ٿو ته ڪجهه وقت لاءِ ان تي غور ڪري سگهجي ٿو.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آبناءِ هرمز کولڻ جي اعلان کان پوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 24 بحري جهازن هن لنگهه مان گذر ڪيو آهي. ٽرمپ ڪالهه ايران جي بحري ناڪابندي ختم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو هو.

پاسدارانِ انقلاب موجب اهي 24 جهاز ايراني بحريه جي سهڪار سان آبناءِ هرمز مان نڪري ويا، جن ۾ تيل کڻندڙ ٽينڪر ۽ ڪنٽينر جهاز شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.