گوجرانوالا ۾ گوشت جو قيمو ٺهرائڻ جي پئسن جي گهر ڪرڻ تي گيراهڪ طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان دڪاندار مارجي ويو.
پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو گلشن رحمان واري علائقي ۾ پيش آيو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار قيمو ٺهرائڻ لاءِ آيو هو پر پئسا ادا ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو.
جنهن کانپوءِ جڏهن دڪاندار پنهنجي گهر وڃي شڪايت ڪئي ته جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي ويو.
پوليس موجب جوابدار ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب نوجوان دڪاندار موقعي تي ئي مارجي ويو.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي.