رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي عرب جي بادشاهه (خادم الحرمين الشريفين) جي نمائندگي ۾ نئون غلاف ڪعبي حوالي ڪرڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي. ان تقريب دوران ڪعبي جو نئون غلاف ڪعبي جي چاٻيدار (ڪليد بردارِ ڪعبه) جي حوالي ڪيو ويو.
روايت موجب ڪعبي جو غلاف هر سال وانگر هن ڀيري به پهرين محرم الحرام تي تبديل ڪيو ويندو. ان موقعي تي هڪ باقاعده ۽ روحاني تقريب منعقد ڪئي ويندي.