جاپاني آبادي ۾ تاريخي گهٽتائي، انگ 12 ڪروڙ 30 کان به گهٽجي ويو

جاپان ۾ آبادي ۾ تاريخي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ جي آبادي 12 ڪروڙ 30 لک کان به گهٽ ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، جاپان جي آبادي ۾ لڳاتار پنجين سال به گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو آهي. گذريل 5 سالن دوران جاپان ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي گهٽتائي ٿي آهي.

جاپان جي گهرو وزارت جي شروعاتي آدمشماري رپورٽ موجب، ملڪ جي آبادي گهٽجي 12 ڪروڙ 30 لک 49 هزار 524 ٿي وئي آهي، جيڪا آڪٽوبر 2020 جي آدمشماري جي مقابلي ۾ 30 لک کان وڌيڪ مطلب لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو گهٽتائي کي ظاهر ڪري ٿي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي لڳاتار پنجون سال آهي جڏهن جاپان جي آبادي ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.