فرانس 73 سالن کان پوءِ مس يونيورس 2026 ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مس يونيورس 2026 جي مقابلي لاءِ اڃا تاريخن جو اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر ان کان اڳ ئي مس فرانس جي تنظيم طرفان هڪ اهم اعلان ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن مطابق، فرانس مس يونيورس جي مقابلي ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فرانس 1952ع کان هن عالمي حسن مقابلي ۾ لڳاتار شرڪت ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي ست ڏهاڪن کان پوءِ هن مقابلي کان عارضي طور پري رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان حوالي سان مس فرانس جي تنظيم پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي چيو ته اهو فيصلو ايندڙ ايڊيشن لاءِ ڪيو ويو آهي. تنظيم مقابلي جي مستقبل جي ترقي ۽ تبديلين تي نظر رکي رهي آهي ۽ اميد رکي ٿي ته ويجهي مستقبل ۾ ٻيهر هن مقابلي ۾ شرڪت ڪرڻ جي قابل ٿيندي.
ٻئي پاسي مس يونيورس انتظاميا پڻ تصديق ڪئي آهي ته ايندڙ مقابلي ۾ فرانس جي نمائندگي موجود نه هوندي.