لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پاڪستان ۾ وڌندڙ آبادي ۽ خانداني منصوبه بندي بابت پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
تازو بشريٰ انصاري هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميزبان سان مختلف سنجيدا ۽ مزاحيه موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.
ان دوران پاڪستان جي آبادي بابت ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته منهنجو وڏو مسئلو ئي اهو آهي ته مان آبادي جي واڌ بابت گهڻو ڳالهائيندي آهيان ۽ دعا ڪندي آهيان ته الله تعاليٰ آبادي جي مسئلي تي رحم فرمائي.
هن وڌيڪ چيو ته اڳئين دور ۾ آبادي گهٽائڻ ۽ خانداني منصوبه بندي بابت ”وقفو ڏيو“ جهڙا بورڊ لڳل هوندا هئا، پر هاڻي اهي هٽايا ويا آهن.
بشريٰ انصاري جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته روزي جو ذمو الله تعاليٰ ورتو آهي، پر الله انسان کي عقل به ڏني آهي. هن چيو ته پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي ٻارن کي مشڪلاتن ۾ وجهڻ مناسب ناهي. ڪنهن جا پنج يا ڇهه ٻار آهن ته ڪنهن جا نَوَ ٻار آهن. اهڙي صورتحال ۾ ٻار دنيا ۾ اچي مشڪلاتن کي منهن ڏيندا، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو اڳ ئي موجود آهن، انهن جون ضرورتون به پوريون نٿيون ٿي سگهن.