لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريليا ٽيم جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب راولپنڊي ۾ ايندڙ 2 کان 4 ڪلاڪن دوران تيز هوائن سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي پهريون ميچ اڄ راولپنڊي ۾ رٿيل آهي.
رپورٽ موجب، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هينئر تائين 111 ون ڊي انٽرنيشنل ميچز کيڏيا ويا آهن، جن مان پاڪستان 36 ميچون کٽيون آهن، جڏهن ته آسٽريليا 71 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.