راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا قومي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 201 رنز جو هدف ڏنو آهي.
پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
آسٽريليا جي پوري ٽيم 45 هين اوور ۾ 200 رنز تي آئوٽ ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان ميٿيو رن شا 61 رنسون، ميٿيو شارٽ 55 رنسون، ۽ ميٿيو ڪوهنيمن 24 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪندڙ عرفات منهاس شاندار بالنگ ڪندي 32 رنز عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کانسواءِ ابرار احمد 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ڪپتان شاهين آفريدي، سلمان آغا ۽ حارث رؤف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاهين آفريدي چيو ته پاڪستاني ٽيم ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ اڄ پنهنجو هزارون ميچ کيڏي رهي آهي، ۽ هن لاءِ اهو اعزاز آهي ته هو هن تاريخي ميچ ۾ ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته هي پوري ٽيم لاءِ هڪ اهم ۽ تاريخي موقعو آهي، ۽ هو ڪوشش ڪندا ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ۽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪن.