فيصل قريشي جو صبا قمر بابت حيرت انگيز انڪشاف

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار فيصل قريشي اداڪارا صبا قمر بابت حيرت انگيز انڪشاف ڪيو آهي.

هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ فيصل قريشي انڊسٽري جي مختلف اداڪارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

گفتگو دوران هن صبا قمر جي ساراهه ڪندي چيو ته هوءَ هڪ بهترين اداڪارا آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هو صبا قمر کي هڪ صلاح ضرور ڏيندو، ڇو ته هوءَ ڪردار ۾ ايتري ته گهڻي هلي وڃي ٿي جو شوٽنگ دوران سڀ ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن.

فيصل قريشي موجب ڪردار ۾ مڪمل طور تي گم ٿي وڃڻ جي ڪري اداڪارا کي مائنر دل جا دورا به پئجي چڪا آهن. هن چيو ته سيٽ تي هو صبا کي پرسڪون رهڻ لاءِ چوندو هو، ۽ هوءَ وقت کان اڳ ئي شوٽنگ سيٽ تي پهچي ويندي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.