عدالت مڙس کي حق مهر کانسواءِ ٻيون شيون به زال کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته مڙس نڪاح نامي ۾ موجود حق مهر کانسواءِ معاهدي ۾ لکيل الڳ شين جو به زال کي ڏيڻ جو پابند هوندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جي ان فيصلي کي درست قرار ڏنو، جنهن موجب مڙس کي الڳ معاهدي ۾ وعدو ڪيل 5 گزن جو گهر زال جي حوالي ڪرڻو پوندو. عدالت مڙس جي اها درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن ۾ هن ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي. جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي ان درخواست تي 11 صفحن تي مشتمل حڪم نامو جاري ڪيو.

حڪم نامي موجب، شادي واري ڏينهن مڙس هڪ الڳ معاهدي ۾ زال کي 5 ڳزن جو گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. عدالت چيو ته حق مهر زال جو قانوني حق آهي، اهو مڙس جي مرضي يا احسان نه آهي. قانون جي نظر ۾ حق مهر زال تي مڙس جو قرض تصور ڪيو ويندو آهي.

حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شادي دوران حق مهر جو مطالبو نه ڪرڻ کي عورت جي پنهنجي حق تان دستبرداري نٿو سمجهي سگهجي، ڇاڪاڻ ته گهريلو ۽ سماجي دٻاءَ سبب عورتون اڪثر شادي جي عرصي دوران حق مهر طلب ناهن ڪنديون.

عدالت اهو پڻ لکيو ته حق مهر زباني، لکت ۾ يا شادي کانپوءِ به طئي ڪري سگهجي ٿو. اسلامي قانون مڙس کي شادي کان پوءِ به حق مهر ۾ واڌ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. عدالت موجب خانداني معاملن ۾ عدالتون رڳو قانوني ۽ فني نڪتن کي نه، پر سماجي حقيقتن کي به نظر ۾ رکن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.