واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واضح اعلان ڪيو آهي ته ابراهيمي معاهدي بابت مختلف افواهه ڦهلجي رهيا آهن، پر فلسطين بابت پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي.
واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ابراهيمي معاهدي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ افواهه هلي رهيا آهن، پر پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي. هن چيو ته جيستائين 1967ع کان اڳ واريون سرحدون بحال ڪندي ۽ القدس الشريف کي گاديءَ جو هنڌ تسليم ڪندي فلسطيني رياست کي مڃتا نه ڏني ويندي، تيستائين پاڪستان جي موقف ۾ ڪا به نرمي نه ايندي.
اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان امن جو علمبردار آهي ۽ 47 سالن کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آمهون سامهون ويهارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيون ڳالهيون ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت هيٺ پاڪستان کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ملي آهي ۽ پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ واري ڀارت جي پاليسي ناڪام ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق پنهنجا حق ملڻ گهرجن، جڏهن ته فلسطين بابت پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي مضبوطي سان قائم آهي.
اسحاق ڊار ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات ۾ پاڪستاني سفير ۽ پرڏيهي آفيس جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. هن چيو ته مارڪو روبيو سان خوشگوار ماحول ۾ تفصيلي ملاقات ٿي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ پهرين جنگبندي پاڪستان جي ڪوششن سان ممڪن ٿي، ۽ هن ڀيري به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار رهيو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ايران ۽ آمريڪا جي معاهدي کان پوءِ مسلمان ملڪن کي به ”ابراهيمي معاهدي“ جو حصو بڻجڻ گهرجي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرمپ چيو هو ته سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان سميت ٻين مسلمان ملڪن کي به ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.